138

صوبي ۾ 151 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 151 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 1266 ماڻهو صحتياب ٿيا ۽ ڪابه فوتگي رپورٽ نه ٿي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 8000 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 151 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي تشخيصي شرح جو 1.9 سيڪڙو آهن. هن چيو ته خوشقسمتي سان گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪابه فوتگي رپورٽ نه ٿي آهي ۽ فوتين جو ٽوٽل انگ 4482 آهي جيڪو فوتگي جي شرح 1.7 سيڪڙو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هيستائين 3233544 نمونن جي جاچ ڪئي وئي ۽ 263663 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 1266 مريض صحتياب ٿيا ۽ صحتيابي جو ٽوٽل انگ 255247 تائين پهچي ويو آهي جيڪو صحتيابي جي شرح جو 96.8 سيڪڙو آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت 4085 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 3814 گهرن ۾، 8 آئسوليشن سينٽرن ۽ 263 مريضن کي مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 243 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن مان 36 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته 151 نون ڪيسن مان 80 ڪيس ڪراچي جا آهن جن مان ضلع اوڀر 56، ضلع سينٽرل 11، ضلع ڪورنگي 6، ضلع ڏکڻ 4 ۽ ضلع ملير 3 رپورٽ ٿيا آهن ساڳي ريت گهوٽڪي ۽ سانگهڙ 11-11، مٽياري 9، حيدرآباد 7، ميرپورخاص 5، لاڙڪاڻو 4، جيڪب آباد 3، قمبر ۽ خيرپور 1-1 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو