217

پاڪستاني ڏهاڙي جي سلسلي ۾ فوجي پريڊ، ويڙهاڪ جهازن پاران ڪرتب، ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب ۽ مذهبي انتهاپسندي واري سياست کان پاسيرو ڪري: عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي هٿياربند فوجن پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار پريڊ ڪئي، پريڊ ۾ ترڪ فوجي بينڊ، بحرين، فلسطين، عراق، سريلنڪا ۽ ترڪي جي پيراٽروپرز خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، پريڊ دوران پاڪستان جي فتح نه ٿيڻ جوڳي عسڪري قوت جو زبردست مظاهرو ڪيو ويو. حاضرين جو ملي جوش ۽ جذبو هڪ قوم هڪ منزل جي ٿيم جو حقيقي عڪاس هو. هٿياربند فوج جي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو قومي جهنڊي کي 21 توپن جي سلامتي ڏني وئي.  ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ عيسيٰ بن خليفه، ڪمانڊر يو ڪي اسٽريٽجڪ ڪمانڊ سر پيٽرڪ سينڊرز ۽ چيف آف دي ڊفينس اينڊ ڪمانڊر سريلنڪن آرمي به پريڊ جو مشاهدو ڪيو. شڪرپڙيان جي پريڊ گرائونڊ ۾ قومي علم کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ 105 فيلڊ ريجمينٽ قومي علم کي سلامي ڏني. تقريب ۾ بري فوج جي سربراهه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نشان امتياز (ملٽري)، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، وائيس چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل سعيد نعمان علي هلال امتياز (ملٽري)، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي هلال امتياز (ملٽري)، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، وفاقي وزيرن، مختلف ملڪن جي سفيرن، فنڪارن، رانديگرن، صحافين ۽ شهرين جي وڏي تعداد يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ روايتي بگل وڄائي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ جي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي جي آمد جو اعلان ڪيو ويو جيڪو خصوصي لال بگي ۾ سوار ٿي پريڊ گرائونڊ پهتو. پريڊ خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي سلامي پيش ڪئي ۽ قومي ترانا ٻڌايو ويو. قومي تراني کانپوءِ قرآني آيتن جي تلاوت سان تقريب جو باقاعد آغاز ڪيو ويو. هٿياربند فوج يوم پاڪستان پريڊ جي پريڊ ڪمانڊر خاص مهمان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کان پريڊ جي معائني جي درخواست ڪئي. يوم پاڪستان پريڊ ۾ ايئر چيف مارشل جي قيادت ۾ فلاحي پاسٽ جو مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي جهازن فلائي پاسٽ ڪيو، صدر پاران پريڊ جي معائني کانپوءِ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه فلائنگ پاسٽ جو شاندار ۽ مظاهرو ڪيو ۽ پاڪ فوج جي دستن مارچ پاسٽ ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جي دفاعي ساز ۽ سامان جي نمائش به ڪئي وئي، جنهن ۾ پنجاب ريجمينٽ، نادرن لائٽ انفينٽري، فرنٽيئر ڪور، پاڪستان رينجرز، پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه، ٽنهي هٿياربند فوجن جي ليڊيز آفيسرن جو دستو، اسپيشل سروس گروپ ۽ پريڊ ۾ شرڪت ڪندڙ پنجاب پوليس ۽ ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جا دستا صدر کي سلامي ڏيندي چبوتري جي سامهون گذريا، آرمڊ ڪور ۾ شامل الخالد ٽينڪ، الضرار ٽينڪ، بڪتر بند، ميڪنائزڊ انفينٽري جو دستو، ايئر ڊفينس جو دستو، LY80 ڊفينس سسٽم، ڪور اف انجنيئرنگ ج مختلف دستا به پريڊ جو حصو هئا. اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي دستي ۾ شامل بابر ڪروز ميزائيل، شاهين ون، شاهين ٿري، رعد، نصر ۽ غزنوي ميزائل جڏهن شرڪت ڪندڙن جي سامهون گذريو ته پنڊال نعره تڪبير سان گوجي اٿيو، پريڊ جو خصوصي ايونٽ فري فال جو زبردست مظاهرو هو جنهن ۾ پاڪستان جي دوست ملڪن عراق، سريلنڪا، بحرين، فلسطين ۽ ترڪي جي ڇٽي بردارن پهريون ڀيرو حصو ورتو، ڀائر دوست ملڪن جي ڇٽي برادرن جي شرڪت سان يوم پاڪستان جون خوشيون ٻيڻيون ٿي ويون، فري فال جي قيادت اسپيشل سروسز گروپ جي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميجر جنرل ممتاز حسين ڪئي، ان کانپوءِ مظاهري ۾ شريڪ سمورن ڇٽي برادرن ڊاڪٽر عارف علوي کي قومي پرچم پيش ڪيا. پريڊ ۾ ترڪي جي مهتر بينڊ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، هن دل دل پاڪستان جو ملي نغمو ڳائي حاضرين جون دليون کٽي ورتيون. ڪورونا وائرس جي پابندين جي ڪري محدود تعداد ۾ شوقينن کي پريڊ ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي، تقريب ۾ مختلف سيگمنٽس کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڊجيٽل اسڪرينون لڳايون ويون، پريڊ جي اسڪرپٽ جو آغاز تحريڪ پاڪستان سان ٿيو ۽ قيام پاڪستان جي لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جڏهن ته هنگو جي اعتزاز حسن وانگر دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جان جي قرباني ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ والاريل ڪشمير ۾ معصوم پيلٽ گن متاثرين حبا نثار ۽ آصفه بانو کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جڏهن ته نواب سراج رئيساڻي، هارون بلور ۽ شجاع خانزاده کي همت ۽ عزم جي علامت جي طور تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. پريڊ جو ٿيم هڪ قوم ۽ هڪ منزل مختلف رنگن ۾ نظر آيو، ليڊيز دستي ۾ پوليس، رينجرز، اي اين ايف ۽ اي ايس ايف عورت آفيسر شامل هيون ۽ پريڊ جو اهم حصو پرائيڊ آف پاڪستان انڪلوزر هو، ان انڪلوزر ۾ اهڙا ماڻهو شامل هئا جنهن پنهنجي شعبن ۾ عمده ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، تقريب ۾ مختلف فلوٽس تي پاڪستان جي تشخص جي بهترين انداز ۾ عڪاسي ڪئي وئي ۽ دهل پارٽي مختلف ڌنن سان سمورن علائقن جي نمائندگي ڪئي جڏهن ته عورتن دهلچي دهل پارٽي جو اهم حصو هيون.  ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستان سميت پوري خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون، ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب ۽ مذهبي انتهاپسندي جي سياست ترڪ ڪري، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، دفاعي شعبي ۾ ڀاڻڀرو ٿيڻ  جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون، اسلامو فوبيا جو متحد ٿي مقابلو ڪيو وڃي. صدر چيو ته پوري قوم سميت پاڪستاني فوج کي پاڪستان جي ڏهاڙي جي مبارڪ  هجي، پريڊ ۾ شرڪت ڪندڙ دوست ملڪن ۽ هوابازن جو ٿورائتو آهيان. هي ان ڳالهه جو دليل آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دوست ملڪ اسان سان گڏ آهن، هن چيو ته يوم پاڪستان هند جي مسلمانن جو ڌار تشخص ۽ مذهبي آزادي جي وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي. اها پهرين جامع دستاويز هئي جنهن جي بنياد تي هندستان جي مسلمانن جي مستقبل ۽ آزادي جو تعين ڪيو ويو، علامه اقبال جي فڪر ۽ قائداعظم جي قيادت ۾ 7 سالن ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. صدر چيو ته علمي، اقتصادي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ ترقي سان گڏوگڏ دفاعي شعبي ۾ خود انحصاري جي منزل حاصل ڪري چڪا آهيون. پاڪستان ايٽمي قوت آهي. هن چيو ته اسان جون دلير ۽ بهادر فوجون اسان جي خودداري ۽ غيرت جي عڪاس آهن. هٿياربند فوج جي ملڪ جي دفاع لاءِ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جنگ هجي يا افراتفري، اندروني امن ۽ امان، حادثن يا قدرتي آفتن جي صورتحال هجي هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي . صدر چيو ته پاڪ فوج جا جوان پهاڙن، صحرائن، دريائن ۽ فضائن ۾ ملڪي دفاع لاءِ ڏينهن رات چُست ۽ چالاڪ  آهن. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، آپريشن رد الفساد ۾ سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي مٽي ۾ ملائي ويو، جنهن جو دنيا اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا کي ڪورونا وبا درپيش آهي، اسان خصوصي آگاهي، نظم ۽ ضبط ۽ ذميداري سان مزدور جو احساس ڪندي ان وبا جو مقابلو ڪيو، اسان ڪورونا وبا تي جلد ضابطو آڻي وٺنداسين تنهن هوندي به احتياط ضروري آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون، دنيا جون حالتون تيزي سان بدلجي رهيون آهن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ حرفت ۾ ترقي سان گڏوگڏ سفارت ۽ معيشت جي شعبن ۾ تيزي سان تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، اسان کي پنهنجي ملڪ کي اسلامي ورثي، قومي نظريات ۽ روايتن جو مان رکندي ترقي ۽ جدت کي استعمال ۾ آڻي اسلامي فلاحي جمهوري مملڪت بڻائڻ آهي. هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي متحد ٿي وڃو، اسان پاڪستان سميت پوري خطي ۾ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته جارحاڻي ارادن، گڏيل تڪرارن، تعصب ۽ دهشتگردي پوري خطي جي حالتن کي خطرناڪ ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان پرامن گڏيل بقاءُ جي اصول تي وجود ۾ آيو، پرامن گڏيل بقاءَ اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم اصول به آهي، ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب ۽ مذهبي انتهاپسندي جي سياست ترڪ ڪري. هن چيو ته اسان نيڪ نيتي سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهيون، اسان جي ان خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڪنهن به جارحيت جو پوري قوت سان جواب ڏينداسين، هر قيمت تي آزادي جو دفاع ڪنداسين. صدر چيو ته ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم ۽ ستم تي پاڪستان سميت پوري دنيا کي ڳڻتي آهي، اهو انساني الميو بڻجي چڪو آهي، ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ جا قدم گڏيل قومن جي منشور، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل معاهدن جي کلي خلاف ورزي آهن. گڏيل قومن جي قراردادن ۾ ڪشمير کي تڪراري علائقو تسليم ڪيو ويو آهي، ڏکڻ ايشيا جو پائيدار امن جو قيام ڪشمير تڪرار جي حل سان جڙيل آهي، پوري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندي، بنا شڪ ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، هر فورم تي ڪشميرين لاءِ آواز اٿارينداسين. دوست ملڪ، عالمي طاقتون ۽ عالمي برادري ڪشمير جي سنگين صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ علائقائي امن يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته چين سچو ۽ حقيقي دوست آهي، دفاع، معيشت ۽ سفارتڪاري سميت مختلف شعبن ۾ حصيداري ۽ تعاون مضبوط کان مضبوط ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي راهداري سميت تعليم ۽ طب ۾ تعاون اهم آهي، چين پاران ڪورونا ويڪسين جي فراهمي تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان بي پناهه جانين ۽ وسيلن جي قرباني ڏني آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو آهي، جنهن جي دنيا اعتراف ڪيو آهي. اسان جا سعودي عرب ، ترڪي، نار ۽ وچ ايشيائي رياستن سان دوستاڻا، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، گڏيل اختلاف وساري اتحاد بين المسلمين ۽ اسلامي تعاون تنظيم کي مضبوط ڪيو وڃي، متحد ٿي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪيو وڃي، پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، پاڪستان کي مٿانهون رکندي قانون جي حڪمراني ۽ غير ضروري اختلافن کي هڪ پاسي رکي قومي مقصد ۽ هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته حاضر دور ۾ سائبر اسپيس ۽ مصنوعي ذهانت جي حيرت انگيز ترقي ۽ اثر مڃيل حقيقت آهي، ترقي لاءِ ان جديد گهرجن سان هم آهنگ ٿيڻ اڻٽر آهي، هٿياربند فوج، سائنسدان ۽ انجنيئرز جي محنت سان پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي نه رڳو دفاعي پيداوار ۾ پاڻڀيرا آهن پر برآمد ڪري رهيا آهن، هڪ قوم هڪ منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته جهڙي طرح متحد ٿي آزادي جي منزل حاصل ڪئي هئي انهي طرح ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو