اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نيب تي تنقيد ڪندڙن کي صلاح آهي ته پنهنجو وقت احتساب عدالتن ۾ داخل ريفرنسن تي خرچ ڪن. نيب چيئرمين جي سربراهي ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته ڪنهن به دٻاءَ ۽ ڌمڪي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ نيب آئين ۽ قانون مطابق فرض ادا ڪندي رهندي، ان ڪري نيب تي تنقيد ڪندڙن کي صلاح ڏيان ٿو ته پنهنجو وقت تنقيد بدران احتساب عدالتن ۾ داخل ريفرنسن تي خرچ ڪن.
156