148

نواز شريف مودي سان ڳجهين ڳالهين ۾ سفارتي عملي کي شامل نه ڪيو: اڳوڻو هاءِ ڪمشنر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط الزام مڙهيو آهي ته نواز شريف مودي سان ڳجهين ڳالهين ۾ پاڪستاني سفارتي عملي کي شامل نه ڪيو. ڀارتي صحافي کي ڏنل انٽرويو ۾ عبدالباسط چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي خواهش  کي پورو ڪندي دهلي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته نواز شريف نريندر مودي سان ڳجهين ڳالهين دوران پاڪستاني سفارتي عملي کي پڻ شامل نه ڪيو هو. عبدالباسط مطابق نواز شريف جا سينيئر صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي معذرت واري ذهنيت رکندڙ هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو