159

ڊسڪا ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن زال مڙس کي ٻن ٻارڙن سوڌو قتل ڪري ڇڏيو

ڊسڪا (ويب ڊيسڪ) ڊسڪا ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن زال مڙس کي ٻن ٻارڙن سوڌو قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ڊسڪا جي ڳوٺ ڪوٽلي ڪوڪيان ۾ اڻڄاتل جوابدارن 35 ورهين جي عدنان، سندس ڳورهاري زال مشال، پٽ عبدالهادي ۽ ڌيءَ هانيا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق مقتول عدنان جو پيءُ بشارت پراسرار طور تي گم آهي ۽ جاچ دوران خبر پئي آهي ته عدنان جو پنهنجي پيءُ سان ملڪيت جي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو، جڏهن ته بشارت عدنان جي ماءُ کي طلاق ڏئي ٻي شادي ڪئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو