128

ريل گاڏين ۾ 70 سيڪڙو بڪنگ جو حڪم، ماسڪ کانسواءِ سفر ڪندڙن تي ڏنڊ مڙهڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي عملدارن ڪورونا ايس او پيز تحت ريل گاڏين ۾ رڳو 70 سيڪڙو بڪنگ جو حڪم جاري ڪندي ماسڪ کانسواءِ سفر ڪندڙن تي ڏنڊ مڙهڻ جي هدايت ڪئي آهي. رپورٽن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ واڌ کانپوءِ اين سي او سي جي فيصلي تحت ريل گاڏيون 70 سيڪڙو مسافرن سان هلايون وينديون، ان سلسلي ۾ ريلوي عملدارن هدايتون جاري ڪيون آهن ته ريل گاڏين لاءِ مسافرن جي بڪنگ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ نه ڪئي وڃي، ٽرين ۾ ماسڪ کانسواءِ سفر ڪندڙن مٿان ڏنڊ مڙهيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو