اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اين اي 75 ڊسڪا جي 10 اپريل تي ٿيندڙ چونڊ ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڊسڪا چونڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ن ليگ جي اميدوار نوشين افتخار جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي عدالت ۾ ضلعي ڊسڪا جو مڪمل نقشو پيش ڪيو. ان تي عدالت چيو ته توهان هڪ ڏينهن ۾ تمام گهڻي تياري ڪري ورتي آهي. سلمان اڪرم راجا پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ڊسڪا شهر ۾ 76 پولنگ اسٽيشنون آهن، شهر جي 76 مان 34 پولنگ اسٽيشنز مان شڪايتون آيون، اليڪشن ڪميشن 34 پولنگ اسٽيشنن جي نشاندهي ڪئي ۽ 20 پرزائيڊنگ آفيسر به گم ٿيا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اهو به ٻڌايو ويو آهي ته 10 پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ ڪيتري دير تائين معطل رهي، سوال اهو آهي ته پولنگ جي ڏينهن ڪير ۽ ڇا جي ڪري مسئلا پيدا ڪندو رهيو؟ ڇا هڪ اميدوار طاقتور هو ان لاءِ ٻئين اهڙي حرڪت ڪرائي؟ عدالت سلمان اڪرم راجا جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اين اي 75 ڊسڪا ۾ 10 اپريل تي ٿيندڙ پولنگ ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته هاڻوڪي ڪيس جي فيصلي ۾ وقت گهربل آهي، سلمان اڪرم راجا جا دليل اڃا هلندڙ آهن، جڏهن ته نوشين افتخار کانسواءِ ٻين ڌرين کي به ٻڌڻو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اليڪشن ڪميشن جو پولنگ وارو فيصلو برقرار آهي، في الحال 10 اپريل تي چونڊ وارو فيصلو ملتوي ڪري رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ عدالت اڻ اعلانيل مدي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
133