132

”اسٽيٽ آف آرٽ“ سول اسپتال حيدرآباد جو 16 نمبر اسٽور…

ليکڪ: ڊاڪٽر مهيش ڪمار مهيشوري

زندگي جو هڪڙو اصول هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪوبه انسان ڪو سٺو ڪم ڪندو هجي ته نه صرف ان جي تعريف ڪجي پر اُن کي داد ڏئي همٿائجي ته جيئن هو پنهنجن سٺن ڪمن جي سلسلي کي جاري رکندو اچي، جيڪي نه صرف اُن جي پنهنجي ذات کي پر ٻين انسانن کي پڻ فائدو ڏئي سگهن. اهڙي ئي ساڳي صورتحال توهان کي لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد پڻ چيو ويندو آهي، اُن ۾ ملندي. توهان جيئن ئي لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد جي مُک دروازي مان اندر داخل ٿيندا ته اڪثر ماڻهو توهانکي اهو ئي پڇندي نظر ايندا، ”16 نمبر اسٽور ڪٿي آهي“. اچو ته اهو ڄاڻو ته آخر 16 نمبر اسٽور ڇا آهي؟؟ جي ها!! هي اها جاءِ آهي جتي اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران چيڪ اپ ۽ شفا جي فراهمي کانپوءِ مريضن کي مڪمل طور تي مفت دوائن جي فراهمي ٿيندي آهي، خاص طور تي اُهي مريض جيڪي يا ته اسپتال جي مُختلف وارڊن ۾ علاج هيٺ هوندا آهن يا وري صحتياب ٿي گهر وڃڻ وارا هوندا آهن ۽ يا وري ڪا اهڙي دوا جيڪا هزارن جي تعداد ۾ مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪندڙ سول اسپتال جي او پي ڊي جي 10 نمبر اسٽور ۾ ڪونه هوندي آهي، 16 نمبر اسٽور جي خاص ڳالهه اها آهي ته وارڊن ۾ داخل مريضن جي هر قسم جي دوا هتان کان جاري ٿيندي آهي، سول اسپتال حيدرآباد جي انتظاميه ان داد جي حقدار ضرور آهي. ڇو جو ٿيليسيميا جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندڙ معصوم ٻارڙن جون مهانگيون ترين دوائون پڻ هتان فراهم ٿينديون آهن، اڄ خاص طور تي هن اسٽور جو هتي ذڪر ڪرڻ ۽ ان بابت لکڻ جو مقصد اهو آهي ته سول اسپتال حيدرآباد جي سڄي انتظاميا ۽ خاص طور تي ڊائريڪٽر ائڊمن عبدالستار جتوئي، ايم ايس ڊاڪٽر صديق پهوڙ ۽ چيف فارماسسٽ طور پنهنجون ڊيوٽي ڏيندڙ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شر سميت هن اسٽور ۾ ڪم ڪندڙ سڄي عملي جي نه صرف ساراهه ڪجي پر اُنهن کي هن ڪم کي اڳتي جاري رکڻ جي لاءِ پڻ همٿائجي، جن جي ڏينهن رات ۽ مسلسل ڪاوشن جي ڪري هن اسٽور کي بلڪل نئين تعمير ٿيل انتظامي بلاڪ ۾ شفٽ ڪري هڪڙي State of Art اسٽور جو درجو ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهو اسٽور اسپتال جي پراڻي عمارت ۾ هڪڙي ننڍي ڪمري ۾ ڪم ڪندو ه،و پر سوڙهي جڳهه هجڻ جي ڪري ماڻهن کي توڙي اسپتال جي عملي کي ٿوري گهڻي تڪليف جو منهن ڏسڻو پوندو هو. اڄ اهو ساڳيو اسٽور نئين عمارت ۾ ڪنهن به نجي اسپتال جي وڏي اگهه ۾ دوائون وڪرو ڪندڙ اسٽورن کان ڪيترائي ڀيرا بهتر نموني سان ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي شاباس جي حقدار سول اسپتال حيدرآباد جي انتظاميه ضرور آهي، هاڻي هن اسٽور ۾ هڪ کان وڌيڪ مختلف ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن، جتي ڪواليفائيڊ فارماسسٽ سميت سڄو ٽيڪنيڪل عملو سرڪار پاران مقرر ڪيل وقت دوران مسلسل بيٺي بيٺي پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، هاڻي نه ته ماڻهن کي ڪنهن جي منٿ ميڙ يا محتاجي ڪرڻ جي ضرورت آهي، نه ئي وري اُس ۾ بيهي انتظار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پنهنجي واري مطابق آرام سان پنهنجون دوائون وٺي سگهن ٿا، سُٺي فلسفي جي هر وقت اها ئي تقاضا هوندي آهي ته ڪنهن به سُٺي ڪم جي نه صرف تعريف ڪجي پر اُن سان گڏوگڏ هُن ڪم ڪندڙ کي پڻ سُٺي نموني همٿائجي، جيتوڻيڪ مٿي ذڪرڪيل سڄو عمل هڪڙو معمول جو ڪم ڪار آهي، جنهن جي لاءِ سرڪار هر وقت فنڊ فراهم ڪندي رهندي آهي. پر اُنهن فنڊن جو جوڳو استعمال ۽ عام ماڻهو تائين اُن جو لاڀ پهچائڻ ۾ انتظاميا جو وڏو هٿ هوندو آهي، سرڪار کي گهرجي ته مٿي ڄاڻايل سڀني انتظامي عملدارن جي همٿ کي وڌائي ۽ سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ موجود ٻين سڀني اسپتالن ۾ پڻ اهڙا ئي State of Art سرڪاري اسٽور ٺاهي اُتي ڪواليفائيڊ فارماسسٽ جي موجودگي کي بلڪل يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مريضن کي ڪابه تڪليف ڏسڻ بنا سڄي دوا مفت ۾ ملي سگهي ۽ اُنهن جو وقت سر علاج ٿي سگهي، ان سان گڏوگڏ سول اسپتال حيدرآباد جي انتظاميا کي فارماسسٽ جو تعداد وڌائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت مٿان زور ڀرڻ گهرجي ته جيئن نه صرف 16 نمبر اسٽور پر هر هڪ وارڊ کي پنهنجو فارماسسٽ ملي وڃي ته جيئن مريضن کي دوائن جي وقت سر پهچ ۽ معلومات ملي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو