ليکڪ: عاصمه شيرازي
حڪومت مخالف سياسي راند جو رخ ٻئي طرف ٿي چڪو آهي، هن ڀيري بال مخالف ڌر جي سياسي پارٽين وچ ۾ ئي گهمي رهيو آهي ۽ حڪومت ظاهري طور تي پنهنجي ڊي ۾ دفاعي پوزيشن کان هٽي وئي آهي، پر اپوزيشن وچ ۾ اوچتو شروع ٿيل راند جا سبب ڪهڙا آهن؟ مريم نواز جو تلخ لهجو ۽ پيپلزپارٽي مٿان اشارن ۽ ڪناين سان حملا ۽ مٿان وري بلاول ڀٽو زرداري جو منهن ٽوڙ جواب، شايد پهريون ڀيرو پنڊي جي شيخ رشيد پاران لانگ مارچ نه ٿيڻ ۽ پي ڊي ايم ٽٽڻ جون دعوائون درست ثابت ٿيون آهن، ٿيو ڇا جو پيپلزپارٽي جا ڳڻ ڳائيندڙ (ن) ليگ مخالف ٿي وئي، ۽ حڪومتي ڊي جي ويجهو پهچي اپوزيشن دفاعي پوزيشن تي بيهي وئي، پيپلزپارٽي بدگماني جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ته پ پ لاءِ (ن) ليگ جون بدگمانيون وڌيڪ وڌي ويون، بي اعتمادي تحريڪ جي تيارين ۾ مصروف پارٽيون الڳ الڳ صفحي تي الڳ الڳ تحرير سان گڏ وڙهڻ لڳيون پر ڪنهن جي تحرير ڪهڙي صفحي تي ڪنهن جي لاءِ آهي، شايد سياسي پارٽيون ان کان بي خبر آهن يا ڄاڻڻ نه ٿيون چاهين، هڪ طرف پيپلزپارٽي ششدر آهي ته (ن) ليگ اوچتو استعيفائن کي لانگ مارچ سان مشروط ڇو ڪيو، ته ٻئي طرف (ن) ليگ زرداري صاحب پاران ميان صاحب کي ڏنل طعنن تي ڏک ۾ ورتل آهي، معافي تلافي باوجود مريم نواز پاران لانگ مارچ لاءِ ڪنهن ٽئين جي نه هجڻ ۽ ميان صاحب خلاف ڪجهه چوندڙن جون زبانون ڇڪي وٺڻ وارن بيانن پيپلزپارٽي ۽ ڪنهن حد تائين مولانا کي به پي ڊي ايم جي مستقبل کان مايوس ڪري ڇڏيو آهي.پيپلزپارٽي مٿان ڊيل جا الزام، جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم نواز لاءِ دروازا بند ٿيڻ جي سس پس تبديلي جي خواهشمند عوام کان تبديلي واري ٿورڙي اميد به کسي ورتي آهي، سوال اهو آهي ته پيپلزپارٽي مٿان استعيفائن لاءِ دٻاءَ وڌائيندڙ (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) نيٺ پاڻ استعيفيٰ ڪڏهن ڏئي رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن استعيفائون نه ڏيڻيون هيون ته پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ پ پ جي ڪنڌ تي بندوق ڇو رکي وئي؟ زرداري صاحب ميان صاحب جي واپسي جي ڳالهه ڇو ڪئي؟ ڇا اها ئي اها ڳالهه هئي، جنهن تي ڳالهه بگڙي وئي؟ پيپلزپارٽي جو دليل آهي ته استعيفائن مان فائدو نه نقصان ٿيندو، (ن) ليگ جو موقف آهي ته سسٽم ۾ رهڻ جو ڪو به فائدو نه آهي، هاڻ سوال اهو آهي ته (ن) ليگ ۽ مولانا جيڪڏهن استعيفيٰ ڏئي به وٺن ٿا ته فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ استعيفائن واري صورت ۾ تحريڪ انصاف ۽ (ن) ليگ جي اڳوڻي پاليسي تي عمل ڪندي يا محدود انگ ۾ استعيفائون منظور ڪري ضمني چونڊون ڪرائي وٺندي، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي ڏکيائي پيش ايندي يا نتيجو ڊسڪا جهڙو ئي ٿي سگهي ٿو؟ پر نواز شريف عام ۽ شفاف چونڊن تائين استعيفيٰ واري پاليسي تي عمل ڪرڻ جو اشارو ڏئي چڪو آهي، هر ٻن صورتن ۾ جنگ روڊن تي ٿيندي ۽ ان ٽڪراءَ جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ طاقتور قوتون ان صورتحال ۾ عام چونڊن جو چئي سگهن ٿيون؟ تحريڪ انصاف اهڙي صورت ۾ اسيمبليون ٽوڙي سگهي ٿي؟ ٻئي طرف پيپلزپارٽي پنجاب ۾ بي اعتمادي واري تحريڪ تي زور ڏيندي نظر اچي رهي آهي، بلاول ۽ حمزه شهباز ان معاملي تي ڪنهن حد تائين ساڳيون خيال رکن ٿا، پر (ن) ليگ ۾ مريم نواز جي پوزيشن اڳ کان گهڻو وڌيڪ مضبوط آهي ۽ نواز شريف پنجاب جي حڪومت کي ڪيرائڻ رڳو وقت جو زيان سمجهي ٿو، شهباز ۽ حمزه سميت (ن) ليگ جا ڪيترائي اسيمبلي ميمبر استعيفائن جي حق ۾ نه آهن ۽ نه ئي (ن) ليگ استعيفائن واري حتمي فيصلي تي ويندي نظر اچي پئي ته پوءِ اتحاد کي امتحان ۾ ڇو وڌو ويو؟ مخالف ڌر جو اتحاد آخري هڏڪين تي آهي، پيپلزپارٽي پارليامينٽ جي اندر رهي وڙهڻ چاهي ٿي، پر (ن) ليگ کانسواءِ اهو ممڪن نه آهي، (ن) ليگ روڊن تي وڙهڻ چاهي ٿي، پر پيپلزپارٽي کانسواءِ اهو به ممڪن نه آهي. سوال وري اهو پيدا ٿئي ٿو ته هن ويڙهه ۾ ڪنهن جي چنهب ۽ ڪنهن جو پڇ گم ٿيندو؟ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو ٻئي لفظي گولاباري ۽ ظاهري طور معمولي ڳالهين جو شڪار ٿيا آهن، مريم نواز گهٽ وقت ۾ اهم جاءِ ٺاهي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سياسي دور انديشي سان پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، پر ٻنهي جو تجربو گهٽ آهي، اهڙي صورتحال ۾ مولانا کي سربراهه هوندي اهم ڪردار ادا ڪرڻو هو، پر اهو پاڻ ئي رسي ويهي رهيو آهي، مخالف ڌر جي صفن ۾ ڪو هڪ به اهڙو نه آهي جيڪو معاملا فهميءَ سان اڳتي وڌي، حڪومت ۽ اقتداري حلقا اپوزيشن جي ان راند مان قطعي طور تي مزو نه پيا وٺن، ڇو ته ملڪ جو ڪاروبار هلائڻ ڏکيو ٿي رهيو آهي، بجيٽ مٿان آهي ۽ معاشي ماهرن جي بقول آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي، هر ڏينهن بجلي ۽ روز مرهه جي استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، مٿان وري ڪورونا جي پکيڙ وڌڻ وارو وار معيشت لاءِ اهم امتحان بڻجي چڪو آهي، حڪومت هڪ اهڙي بحران جو شڪار آهي، جنهن جو علاج ڪنهن طبيب وٽ نه آهي، نه ئي ڪنهن موڪل وٽ آهي، حڪومت ۾ شامل ڪيترائي ميمبر هوا جو رخ ڏسي رهيا آهن، موسمي پکي چونڊن کان اڳ اڏامڻ لاءِ تيار آهن، گيلاني حفيظ شيخ جي ٽاڪري حڪومتي ڪئمپ کي ڳرو ڌڪ هنيو آهي، (ن) ليگ جي ٽڪيٽ ڳري آهي، يا آصف علي زرداري، اهي پکي چونڊون ويجهون ڏسي رهيا آهن ۽ حڪومتي ڪارڪردگي مان مايوس آهن. ٻئي طرف پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي پاڻ ۾ ميچ جو نقصان به تحريڪ انصاف کي ئي ٿيندو، پنجاب ۾ داخل ٿيندڙ پيپلزپارٽي (ن) ليگ لاءِ ئي نه پر پي ٽي آءِ لاءِ به نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي پر ان سڄي ماحول ۾ تحريڪ انصاف تحريڪ لبيڪ جي وڌندڙ سياسي قوت جو فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪندي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ڊوڙ به دلچسپ آهي، مخالف ڌر وچ ۾ عددي جنگ برابر ٿيڻ جي صورت ۾ سينيٽ چيئرمين اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ به اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ٿي چڪي آهي، گيلاني صاحب جي عدالت ذريعي ڪاميابي جي صورت ۾ پ پ ۽ (ن) ليگ ۾ مخالف ڌر جي ليڊر وارو تڪرار به حل ٿي ويندو ۽ (ن) ليگ ۽ پ پ سينيٽ جي حد تائين هڪ ئي ڊي ۾ راند ڪندا، ايندڙ چونڊن کان اڳ صفبندين ۾ پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي پاڻ ۾ روايتي ويڙهه ٻنهي جي چونڊن واري سياست لاءِ ضروري ٿيندي پئي وڃي، راند بهرحال هن ڀيري پوري ميدان مان سميٽجي هڪ ئي ڊي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي سڀ اڪيلو گول ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ريفري (امپائر) ڪنهن کي به ريڊ ڪارڊ ڏيکاري سگهي ٿو، پي ڊي ايم ۾ سڀ ڪجهه آهي پر پي ڊي ايم نه رهي آهي. يعني پي ڊي ايم مائنس پي ڊي ايم.