144

تلهار ڀرسان مدرسي ۾ 13 ورهين جو نينگر پراسرار نموني فوت

تلھار(ن سوڀ) تلھار  لڳ ڳوٺ احمد ھاليپوٽو ۾ مدرسه تعليم القرآن ۾ ديني تعليم حاصل ڪندڙ ٻڊو قمبراڻي جو رھواسي 13 ورهين جو نينگر شھباز ولد رمضان گھراڻو پراسرار نموني مدرسي اندر فوت ٿي ويو آهي،  جنھن کي رورل ھيلٿ سيٽر تلھار آندو ويو ته ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر عبدالغني لغاري نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان سلسلي ۾ اتي موجود  مدرسي جي استاد محمد صالح ھاليپوٽو ٻڌايو ته نينگر کي 3 ڏينھن اڳ مليريا جو تيز بخار آيو، جنھن کي اسان گذريل ڏينھن اسپتال مان چيڪ اپ ڪرائي ٽيسٽون به ڪرايون ھيون ۽ اڄ صبح جو ھو راند ڪندي اوچتو بيھوش ٿي ڪري پيو  ته فورن ان کي رورل ھيلٿ سينٽر تلھار کڻائي پھتاسين ته ڊاڪٽرن فوت  ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اطلاع تي  نينگر جو  والد ۽ ٻيا وارث رورل ھيلٿ سينٽر تلھار پھچي ويا، جتي وارثن کي بيھوشي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا، وارثن  قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ لاش بنا پوسٽ مارٽم جي ڳوٺ کڻائي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو