ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) شھيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ۾ الائيڊ بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو ويو. الائيڊ بئنڪ پاران ٻوٽا يونيورسٽي کي تحفي طور ڏنا ويا جيڪي ڪئمپس ۾ مختلف جاين تي لڳايا ويا. وڻڪاري مهم جو آغاز سيبس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر، الائيڊ بئنڪ جي ريجنل هيڊ محمد مجتبيٰ خان، برانچ مئنيجرز فيصل رضا چني، محمد نويد ۽ ماجد خان سان گڏجي ڪيو. ان موقعي تي اي بي ايل جي عملدارن ٻڌايو ته وڻڪاري مهم وزير اعظم جي گو گرين پاڪستان مهم جو تسلسل آهي ۽ ان سلسلي ۾ انهن مختلف ادارن سان گڏجي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو آهي. اداري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته اسان هميشه ان اداري جي همت ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جيڪو ماحول دوست قدم کڻي صحتمند فضا قائم ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي ٿو. سيبس جو ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس آصف علي شر، پلانٽيشن آفيسر محمد يوسف سومرو ۽ ترجمان لطيف گاد پڻ وڻڪاري مهم ۾ شامل هئا.
269