ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آءِ بي اي هيڊماسترن جي ڀرتي 2017ع ۾ ٿي، 2017ع ۾ ئي هاءِ ڪورٽ ۾ ان بابت ڪيس ٿيو ۽ 2018ع ۾ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته هيڊماسترن جي اسڪروٽني ڪئي وڃي، اهو به لکيو ويو ته 17هين گريڊ جون پوسٽون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارن جون آهن، عدالتي فيصلي سبب هيڊماسترن کي ريگيولر ڪري نٿو سگهجي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ جو فيصلو آيو آهي ته هيڊماسترن کي نوڪرين مان نه ڪڍو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست ڪئي آهي ته ان معاملي تي ڪو هڪ فيصلو ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جيڪڏهن صحيح ڪم ڪندي هجي ها ته هي هيڊماستر اتي هجن ها، هيڊماسترن سان ظلم ٿي رهيو آهي، پوليس ذريعي انهن مٿان تشدد ڪيو ويو جيڪو غلط عمل آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هيڊماسترن کي ان معاملي کان آگاهه ڪيو آهي ته پوءِ به هو احتجاج ختم نٿا ڪن، اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت انهن سان ڳالهيون نه ڪيون آهن.
140