لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز پاران اين اي 75 ڊسڪا ۾ ٻيهر ننڍي چونڊ روڪڻ واري حڪم تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڊسڪا چونڊ ملتوي ٿيڻ تي خوشيون ملهائيندڙ ڄاڻين ٿا ته چونڊ ته ٿيڻي آهي ۽ عوام کي ووٽ ته وجهڻو آهي. مريم نواز حڪومت تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته ڇو ٿا ڊڄو عوام کان، ووٽ کان ۽ حساب واري ڏينهن کان؟ ان لاءِته عوام اوهان کان بيزار آهي ۽ ووٽ جي پرچي اوهان جي جعلي حڪومت لاءِ موت جو پروانو آهي. مريم نواز حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪڏهن ان لاءِ عدالت وڃو ٿا ته عوام کي ووٽ کان روڪيو ۽ ڪڏهن ان لاءِ ته مريم سان گڏ عوام جي اچڻ کي روڪيو، 3 سال عوام جو استحصال ڪندڙ عوام ۾ وڃڻ کان ڀڄن ٿا. مريم نواز چيو ته هي ادارا عوام جا آهن، عوام جي ڪاوڙ کان توهان کي ادارا بچائي نٿا سگهن، سليڪٽڊ چونڊن کان نه ڀڄندو ته ڪير ڀڄندو؟
170