باجوڙ(ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالسلام زخمي ٿي پيو آهي. رپورٽن مطابق باجوڙ ضلعي جي تعلقي ماموند جي علائقي ڊمه ڊوله ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ مولانا عبدالسلام زخمي ٿي پيو آهي. جي يو آءِ اڳواڻ کي خار اسپتال ۾ ابتدائي طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاءِ پشاور روانو ڪيو ويو. ٻئي طرف مولانا عبدالسلام تي ٿيل حملي خلاف خار چوڪ تي جي يو آءِ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ جميعت علماءِ اسلام جي ضلعي اڳواڻن کانسواءِ ڪارڪنن به شرڪت ڪئي. احتجاج سبب باجوڙ – پشاور شاهراهه هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي. باجوڙ پوليس مطابق صبح جو 6:45 منٽن تي جڏهن مولانا عبدالسلام پنهنجي گهر کان مدرسي لاءِ روانو ٿيو ته اڳ ئي نصب ٿيل ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ذريعي کيس نشانو بڻايو ويو جنهن بعد کيس فوري طور تي خار اسپتال منتقل ڪيو ويو. بعد ۾ کيس وڌيڪ علاج لاءِ پشاور منتقل ڪويو ويو. واقعي خلاف جميعت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن خار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ حملو ڪندڙن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.
155