152

انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ايندڙ سال رٿيل سيريز ۾ ٽن ميچن جو اضافو

جميڪا(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ايندڙ سال رٿيل سيريز ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ۽ هڪ ٽيسٽ ميچ جو اصافو ڪيو ويو آهي، ٻئي ٽيمون ايندڙ سال پنج ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽي ٽيسٽ ميچون کيڏنديون. ويسٽ اندين ڪرڪيٽ بورڊ انگلينڊ خلاف هوم سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪيو. انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جنوري کان مارچ 2022 ۾ ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي. شروعاتي طور تي آءِ سي سي جي فيوچر ٽور پروگرام مطابق انگلش ٽيم ويسٽ انڊيز ۾ ٽي ٽي ٽوئنٽي ۽ ٻه ٽيسٽ ميچون کيڏڻيون هيون پر ان کي ترتيبوار پنج ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽي ٽيسٽ ميچز ڪيو ويو آهي. ميچن جي هنڌن جو اعلان اپريل ۾ ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو