ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙ هيلٿ ورڪرن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو چيو ته سنڌ ۾ هڪ لک 42 هزار 315 هيلٿ ورڪرن کي ڪورونا ويڪسين لاءِ رجسٽرڊ ڪيو ويو هو، هن وقت تائين 33 هزار 356 هيلٿ ورڪرن ڪورونا ويڪسين ناهي لڳرائي، ويڪسين نه لڳرائيندڙ هيلٿ ورڪرن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو. هن چيو ته ويڪسين جي سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي افواهن تي ڌيان نه ڏيو، مون پاڻ ويڪسين لڳرائي آهي، مون کي ڪنهن به قسم جو ردعمل ظاهر نه ٿيو، هي ويڪسين 80 کان 90 ورهين جي عمر واري ماڻهن به لڳرائي آهي، جن کي به ڪو سائيڊ افيڪٽ ناهي ٿيو، ڪجهه ماڻهن ۾ معمولي ردعمل ٿي سگهي ٿو جهڙي ريت ٻارڙن کي ويڪسين دوران ٿيندو آهي. هن چيو ته صحت واري شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هر فرد هر صورت ۾ ويڪسين لڳرائي، ڪورونا سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو سڀني کان وڌيڪ صحت واري شعبي ۾ ڪم ڪندڙن کي آهي، ان ڪري ويڪسين لڳرائي پنهنجي ۽ گهرڀاتين جي زندگي کي محفوظ بڻايو وڃي.
189