123

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا، وڌيڪ 63 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 4368 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا ختم نه ٿيا، وائرس سبب وڌيڪ 63 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 4368 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾  4 هزار 368 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 65 سيڪڙو، لاهور ۾ 54 سيڪڙو، گجرانوالا 60 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 62 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 73 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 49 سيڪڙو،  گجرات ۾ 95 سيڪڙو  ۽  گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 418 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 8 هزار 506، پنجاب ۾ 17 هزار 315، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 214، اسلام آباد ۾ 6 هزار 733، بلوچستان ۾ 699، گلگت بلتستان ۾ 314، آزاد ڪشمير ۾ 637 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 91 هزار 145 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 380 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 40 هزار 120 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 6 لک 45 هزار 356 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 12 هزار 95، بلوچستان ۾ 19 هزار 427، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 983، اسلام آباد ۾ 54 هزار 347، خيبرپختونخواهه ۾ 82 هزار 677، پنجاب ۾ 2 لک 7 هزار  765 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 64 هزار 62 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 14 هزار 91 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 486 فوتگيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض  اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 6 هزار 142 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 مريض  اسپتالن ۾ ۽ 3 گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 2 هزار 260 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 555 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 205 فوتگيون، گلگت بلتستان ۾ 103 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 340 فوتگيون ٿيون. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 99 لک 76 هزار 791 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 3 هزار 333 مريض علاج هيٺ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو