سوات (ويب ڊيسڪ) سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت قدم کڻندي سوات ايئرپورٽ کي 17 سالن کانپوءِ ڪمرشل آپريشن لاءِ بحال ڪري ڇڏيو آهي. 17 سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ سوات ايئرپورٽ کي اڏامن لاءِ کوليو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 650 مقرر وقت تي 10 وڳي اسلام آباد مان رواني ٿي ۽ 11 وڳي سيدو شريف، سوات پهتي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سميت ٻيا صوبائي وزير به جهاز ۾ سوار ٿيا، سمورن ماڻهن قطار ۾ بيهي بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪيو. ايئرپورٽ تي اڏام کان پهرين ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ مهمانن جي خاطر تواضح ڪئي وئي، غلام سرور خان مهمانن کي گلدستا ۽ تحفا پيش ڪيا. شروعاتي طور تي اسلام آباد کان سوات لاءِ هفتي ۾ 2 اڏامون هلايون وينديون، اسلام آباد کان سوات جون فلائيٽون ڪراچي ۽ لاهور کان ايندڙ اڏامن سان گڏ ڪنيڪٽ هونديون. صوبائي وزير غلام سرور خان چيو ته 17 سالن کانپوءِ سوات لاءِ پي آءِ اي جون اڏامون شروع ڪري رهيا آهيون، مالي پريشانين ۽ دهشتگردي سبب گذريل حڪومتي دورن ۾ ڄاڻايل اڏامون بند هيون، سوات ۽ مالاڪنڊ جي عوام سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، پي آءِ اي جي سوات لاءِ اڏامون بحال ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
286