228

ڄامشورو ڀرسان ناري پاران آپگهات جي ڪوشش، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال منتقل

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان نوجوان ناري گھرو اڻببت سبب نشي آور  گوريون کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي. پيٽارو واسڻ ناري ام رباب ميرجت گهرو پريشانين کان تنگ ٿي نشي آور گوريون کائي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، مسلسل بيهوش هجڻ سبب کيس اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي. سندس وارثن مطابق گهريلو اڻبڻت تان ناري آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو