135

آءِ ايم ايف کانپوءِ عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 60 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 60 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بئنڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاڪستان لاءِ منظور ڪيل 60 ڪروڙ ڊالر قرض واري رقم احساس پروگرام ذريعي غربت گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي، هي رقم تعليم ۽ واڌ ويجهه وارن پروگرامن ۾ به خرچ ڪئي ويندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف پاران به پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو