اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شاهدي لاءِ ڪورونا جو مريض پهچڻ تي ٿرٿلو مچي ويو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ مضاربه اسڪينڊل جي ٻڌڻي هلي رهي هي ته ان دوران ڪورونا ۾ مبتلا هڪ شاهد کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نيب جي شاهد امير حيدر عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته ڪورونا آهي ان ڪري جلدي ۾ بيان رڪارڊ ڪيو وڃي، نيب جي شاهد جي ڳالهه ٻڌي عدالت ڪمري ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ عدالت نمبر 2 جو ڪمرو ترت خالي ڪرايو ويو. عدالت ڪورونا سبب متاثر شاهد کي ترت واپس اماڻي ڇڏيو ۽ عدالتي ڪمري ۾ هنگامي بنيادن تي اسپري پڻ ڪرايو.
168