144

پشاور: صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي کان غير ضروري سوال ڪرڻ تي ٽريفڪ وارڊن معطل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ صوبائي وزير جي واڪ دوران هائوسنگ اسڪيم بابت سوال پڇڻ تي ٽريفڪ وارڊن کي معطل ڪيو ويو آهي. حڪمنامي مطابق ريس ڪورس گارڊن ۾ واڪ دوران ٽريفڪ وارڊن ناظم صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي کان هائوسنگ اسڪيم بابت سوال پڇيا، جنهن تي صوبائي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ايس پي هيڊڪوارٽر ٽريفڪ وارڊن کي معطل ڪندي لائن حاضر ڪري ڇڏيو. سي سي پي او پشاور چيو آهي ته ٽريفڪ وارڊن کي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها، ٽريفڪ اهلڪار ڊيوٽي دوران ڪنهن سان غير ضروري ڳالهائڻ کان پاسو ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو