بدين (ن سوڀ) بدين ۾ ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ پازيٽو اچڻ تي نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. بدين جي ايگروول ڪالوني جي رهواسي جج جي گن مين حاڪم لاشاري جي نوجوان پٽ 20 ورهين جي خادم لاشاري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ 2 ڏينهن اڳ پازيٽو آئي هئي، جنهنڪري هو سخت پريشان رهندو هو، جنهن کانپوءِ هن انتهائي قدم کڻندي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
208