177

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌيءَ جو پيپر ٻيهر وٺي…

ليکڪ: وزير علي جمالي

موجوده دور ۾ سنڌ جي ميرٽ ۾ يقين رکندڙ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي اميدن جو واحد سهارو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آهي، جتان امتحان پاس ڪري نوجوان بهتر روزگار ذريعي پنهنجو مستقبل سنوارڻ کي مشن سمجهن ٿا، پر افسوس ڳالهه آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به اهليت ۽ ميرٽ تي ايندڙ غريبن جي ٻارن لاءِ دروازا بند ٿيڻ جون دانهون اچن ٿيون ۽ اتي به ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن سميت ٻيون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن، ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن سليڪشن جو طريقو خراب هجي ته بهتر اميدوار جي سڃاڻپ ممڪن نه آهي، سول سروس جي اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي موجوده سيٽ اپ ۽ امتحاني پرچن ۾ سنگين غلطيون هاڻ ڪا نئين ڳالهه نه رهي آهي، هر ڀيري سواليا پيپرن ۾ غلطيون ڄڻ ته معمول بڻجي چڪيون آهن، تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سنڌي جي ليڪچرارن جي جيڪا ٽيسٽ ورتي اها انتهائي غير معياري هئي ۽ ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪميشن جي عهديدارن جي پنهنجي تعليمي حيثيت ڪهڙي آهي؟ ۽ اهڙيون غلطيون ئي اهو بنياد فراهم ڪن ٿيون، جن مان نه صرف من پسندي ۽ ڪرپشن جا سوال جنم وٺن ٿا پر اهي سچ به لڳن ٿا، عام طور تي شڪايتون اهي آهن ته تحريري امتحانن ۾ بهتر نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي انٽرويوز ۾ گهٽ نمبر ڏنا ويندا آهن ۽ پاس نمبر حاصل ڪندڙ من پسندن کي وڌيڪ نمبر ڏئي پاس ڪيو ويندو آهي، ۽ ميرٽ جو قتل ڪيو ويندو آهي، ان حوالي سان 950 کان وڌيڪ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن جو مستقبل هن وقت به داءَ تي لڳل آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسڪريننگ وارن امتحانن ۾ ڪيترن ئي سالن کان غلط سواليا پيپر ڪڍيا پيا وڃن، جيڪي اداري ۾ اعليٰ عهدن تي ويٺل ماڻهن جي اهليت جي نشاندهي ڪن ٿا، پيپرن ۾ غلط سوال ڏسي شاگرد مونجهاري ۽ پريشاني جو شڪار ٿين ٿا، ان کان اڳ اسلامڪ اسٽيڊيز جي پيپر ۾ به 8 سوالن جي جوابن لاءِ غلط آپشن ڏنا ويا هئا، پر تازو سنڌي ادب جي پيپر ۾ ڏنل 50 سوالن مان سوال نمبرن 3، 4، 5، 8، 9، 10، 12، 17، 18، 22، 23، 25، 32، 36، 41، 45 ۽ 48 ۾ بي شمار غلطيون هيون جن کي ڏسي اميدوارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا، سنڌي ٻولي جيڪا هونئن ئي طبقاتي تعليمي نظام ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ نه پڙهائڻ سميت موجوده ملڪي سسٽم ۾ انگريزي تعليمي نظام کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ جي ڪري پنهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي، ان ٻولي جي هڪ اعليٰ اداري ۾ سنڌي ادب جي شاگردن سان اهرو ورتاءُ ڄڻ ته پوري قوم سان زيادتي جي برابر آهي، اڪبر لغاري، محبوب جوکيو ۽ قاسم راڄپر جهڙن پي ايڇ ڊي هولڊرن جو سنڌي ٻولي تي خاصو ڪم ٿيل آهي، انهن سمورن تازي سنڌي جي پيپر جي سخت مخالفت ڪندي ان کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نااهلي ۽ پيپر ٻيهر وٺڻ واري مطالبي جي حمايت ڪئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته مسڪين ۽ اهل ماڻهن لاءِ ميرٽ جو ادارو سمجهيو ويندڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، ڇو ته هر ڀيري بيوروڪريسي جا ويجها مائٽ، دوست ۽ ڪميشن ۾ موجود عهديدارن جا ٻار ئي ڪامياب ٿي رهيا آهن ۽ پي ايم سي، اينٽي ڪرپشن، سنڌ پوليس ريجن، شماريات کاتي سميت ٻين کاتن جي ورتل امتحانن ۾ بدعنواني ۽ من پسندن کي ڪامياب ڪرڻ جا انڪشاف به ٿي چڪا آهن، جنهن جي خلاف خود سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس (ر) آغا رفيق ۽ ٻين اميدوارن عدالت ۾ اپيلون پڻ داخل ڪرايون، جن موقف اختيار ڪيو هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ٿيندڙ امتحاني طريقيڪار مافيا جي قبضي ۾ آهي، جسٽس (ر) آغا رفيق ان حوالي سان اهم انڪشاف پڻ ڪيا هئا،  حقيقت اها آهي ته سنڌ ادب جي پرچي ۾ اميدوارن کان غلط، نامڪمل ۽ بي ترتيب سوال پڇيا ويا، جڳ مشهور ليکڪ آسڪر وائلڊ ڇا ته جملا چيا آهن ته ”امتحانن ۾ احمق سوال پڇندا ته عقلمند جواب ڏئي نه سگهندا“ ان قسم جي امتحانن ۾ ڪن ذهن ۽ ڊنل اميدوار جيڪي صحيح جوابن کي رٽو لڳائي ايندا آهن، پنهنجي ذهن جا دروازا بند ڪري ڇڏيندا آهن، اهي ذهين ۽ قابل ماڻهن جو حق ڦٻائي ويندا آهن، اميدوارن جي جاچ ڪرڻ لاءِ قائم نظام امتحان وٺندڙن کان وڌيڪ داناءُ اميدوارن جو پتو نٿي لڳائي سگهي، ٿورڙو سوچيو ته ملڪ جي اعليٰ ترين عهدن لاءِ امتحاني ڪميشن جي جيڪڏهن اها صورتحال آهي ته ننڍن ننڍن عهدن لاءِ ٽيسٽنگ واري عمل جي ڪهڙي حالت هوندي؟ جيڪي هر قسم جي جائزي ۽ کوجنا کان مڪمل طور تي محفوظ آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته محنتي، مستحق ۽ اهل اميدوارن جي پرزور مطالبي تي اداري ۾ پيپر ٺاهيندڙ ماڻهن کي هٽائي اهل عهديدار مقرر ڪيا وڃن ۽ ڄاڻايل پيپر ٻيهر ورتو وڃي، ان حوالي سان چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ وڏو وزير فوري طور تي اڻڌري جاچ ڪرائي اهل اميدوار آڻي امتحان ڏيندڙ نوجوانن کي ذهني مونجهارن ۽ سندن محنت ضايع ٿيڻ واري عذاب کان ڇوٽڪارو ڏيارين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو