ليکڪ: فدا حسين چانڊيو
نوابشاهه جي فراز ماڊل هاءِ اسڪول پاران بلاول اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ راندين جا ساليانا ٻن ڏينهن وارا مقابلا شاندار تقريب سان پڄاڻي تي پهتا، ٻن ڏينهن ۾ 19 مختلف راندين ۾ اسڪول جي ٻارڙن ڀرپور شرڪت ڪئي . ٻارڙن جي بهترين پرفارمنس پڄاڻي واري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا . تقريب ۾ خاص مهمان ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولس غلام مجتبيٰ دايو هو، خاتمي واري تقريب ۾ آيل مهمانن جي اسڪول جي سرواڻ سيد غلام احمد شاهه لڪياري، سيد ڪاظم حسين شاهه، حبيب الله دستي، اسد الله ڀٽي، سيد سجاد نقوي، سيد محسن شاهه لڪياري، تحسين افضل راجپوت، مراد بلوچ سميت اسڪول جي ٻارڙن شاندار آجيان ڪئي، جڏهن ته اسڪول جي ڪامياب ٻارڙن ۾ ٽرافيون ، ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، نوابشاهه جي فراز ماڊل هاءِ اسڪول جي ڪامياب ٻارڙن ۾ عابد زرداري ، فهد حسين چانڊيو ، ثنا سيال ، پارس ملاح ، وفا پيرزادو ، مزمل ، سيد نور ، انس سومرو ، آفتاب لاشاري ، شير بانو سيال ، غزالا لنڊ ، وردا ، نعمت الله اڄڻ، حبيب الله اڄڻ، بخت لنڊ، صنم زرداري، احمد بخش، عزير ڀٽي، حسنين شاهه، عون شاهه، تحسين جمالي، مشاهد، آصفه، معصوم چانڊيو، شفا پيرزادو. حرا سولنگي، بابر سومرو، امجد زرداري، مزمل، بتول، بختور، ريحان ڀٽي هادي ۽ عبدالله چانڊيو سميت ٻيا ٻارڙا شامل آهن، راندين جي مقابلن ۾ فهد حسين چانڊيو ۽ شير بانو سيال ڇانيل رهيا . فهد حسين چانڊيو طائي ڪراٽي ۾ هڪ ڪڪ سان ڊبل سرن کي ٽوڙي واهه واهه ڪرائي ڇڏي، انهيءَ کان اڳ نوابشاهه جي فراز ماڊل هاءِ اسڪول پاران بلاول اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ سالياني راندين جا مقابلا ڪرايا ويا، جنهن ۾ فراز ماڊل هاءِ اسڪول جي ٻارڙن ڀرپور حصو ورتو، ان موقعي تي خاص مهمان ڊپٽي ڊائريڪٽر اشفاق پنهور افتتاح ڪيو، ٻين مک مهمانن ۾ سيد حسن عسڪري ، روزاني ”سوڀ“ جو بيورو چيف فدا حسين چانڊيو، طاهر زمان، مراد بلوچ، فدا ڏاهري، محمد حاڪم چانڊيو ، نثار خاصخيلي ، جاويد شيخ ، شبير چانڊيو هئا، ان موقعي تي قومي جهنڊي کي سلام پيش ڪيو ويو، تلاوت قرآن مجيد بعد نعت پڻ پڙهي وئي، ٻارڙن ترانو پڙهيو جڏهن ته تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڊائريڪٽر اشفاق پنهور، سيد غلام احمد شاهه لڪياري، سيد ڪاظم حسين شاهه لڪياري، سيد محسن شاهه لڪياري، سيد حسن عسڪري، طاهر زمان، مراد بلوچ، فدا ڏاهري، محمد حاڪم چانڊيو، نثار خاصخيلي، جاويد شيخ، شبير چانڊيو، حبيب الله دستي، وقار رنڌاوا، وقار ابڙو، اسد الله ڀٽي، ڪرم حسين ڀٽي، نثار چانڊيو، ايازعلي ڀٽي، عطا الله چانڊيو، لکمير لغاري، مسرور رانجهاڻي، سيد سجاد نقوي، تحسين افضل راجپوت، هما خان، مافيه يوسف، صفيه آرائين، پرهه ناز عباسي، پارس ملاح، پرهه ملاح، راشده ميمڻ، ساجده چاچڙ، عروج سيد، فرحين سيد، عائشه ميمڻ، فائزه خاصخيلي، قرت العين چانڊيو، فرزانا ميمڻ ۽ ٻين چيو ته معصوم ٻارڙا ملڪ کي مستقبل ۾ پنهنجو ڪردار شاندار نموني ادا ڪندا، جنهن لاءِ ضروري آهي ته ٻارڙا محنت سان تعليم حاصل ڪن ۽ مستقبل ۾ سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ ٻين شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي فراز ماڊل هاءِ اسڪول جي ٻارڙن عابد زرداري، فهد حسين چانڊيو، ثنا سيال، پارس ملاح، وفا پيرزادو، مزمل، سيد نور ۽ انس سومرو سميت ٻين ٻارڙن مختلف راندين، ڪرڪيٽ، ونجهه وٽي، ڊوڙ، ميوزيڪل چيئر، بيڊمنٽن سميت راندين ۾ شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، آيل مهمانن ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولس غلام مجتبيٰ دايو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اشفاق پنهور، سيد حسن عسڪري، ”سوڀ“ جي بيورو چيف سينيئر صحافي فدا حسين چانڊيو، طاهر زمان، مراد بلوچ، عبدالفتاح رند، محمد حاڪم چانڊيو، نثار خاصخيلي، جاويد شيخ، شبير چانڊيوکي اجرڪ پارايا، ٻن ڏينهن ۾ 19 مختلف راندين ۾ اسڪول جي ٻارڙن ڀرپور شرڪت ڪئي، ٻارڙن جي بهترين پرفارمنس اختتامي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.