181

عمر ڪوٽ جو شاهجهان….

ليکڪ: ڪريم الاسلام

اهو ته سڀ مڃين ٿا ته مغل بادشاهه شاهجهان جو ٺهرايل تاج محمد سڄي دنيا ۾ محبت جي سڀ کان وڏي نشاني آهي، ان ۾ به ڪي ٻه رايا نه آهن ته پيار جو اهو يادگار هڪ مڙس پاران پنهنجي زال سان محبت سان انوکو ۽ دلفريب اظهار آهي، ڀلي فائيو اسٽار هوٽلن جو مالڪ هجي يا ننڍڙو واپاري اهي سڀئي تاج محل ۽ ان سان منسوب محبت جي لازوال داستان جو نالو کڻندڙ آهن، اڇي سنگ مرمر جي ان عمارت تي ڪتاب لکندڙ تاريخدان هجن يا ان ڪهاڻي تي فلمون ٺاهيندڙ هدايتڪار، تاج محل کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائيندڙ شاعر هجن يا ان شاعري تي آهون ڀريندڙ ناڪام عاشق، سڀ مغليه سلطنت جي پنجين تاجدار شهاب الدين محمد شاهجهان جي ٺاهيل ان يادگار جي سحر ۾ جڪڙيل نظر اچن ٿا پر هاڻي 400 سالن کانپوءِ هڪٻئي شاهنواز آگرا واري مشهور يادگار کان 800 ڪلو ميٽر پري سنڌ جي سحرا ۾ هڪ نئون تاج محل کڙو ڪري ڇڏيو آهي،  عمرڪوٽ جي ڍيبو ڳوٺ ۾ اوهان ڪنهن به رستي ويندڙ شخص کان پڇيو ته اهو شخص ڪٿي آهي، جنهن تاج محل ٺهرايو آهي ته ڪو به اوهان کي حيران اکين سان نه ڏسندو، جيڪڏهن اهو پنڌ هوندو ته اشاري سان ۽ جيڪڏهن سائيڪل يا سائيڪل موٽر تي هوندو ته اوهان سان گڏ هلي ان جي گهر جي دروازي تائين ڇڏي ايندو، ڊگهي اڇي ڏاڙهي واري 65 ورهين جي عبدالرسول پليءَ کي هتي سڀ سڃاڻن ٿا، هونئن ته هو علائقي جو وڏو زميندار ۽ 9 هزار ايڪڙ زمين جو مالڪ آهي پر ان جي مشهوري جو اصل سبب اها عمارت آهي جيڪا هن ڳوٺ جي قبرستان ۾ ٺهرائي آهي، تعليمي لحاظ کان وڪيل ۽ پيشي کان زميندار عبدالرسول 1980ع ۾ پهريون ڀيرو انڊيا ويو ته آگرا پهچندي ئي هن پنهنجي انڊيا جي دوست کان تاج محل ڏسڻ جي فرمائش ڪئي، ان دوست هن مهمان کي جمنا نديءَ جي ڪناري ٺهيل تاج محل آڏو آڻي بيهاريو، عبدالرسول مٿان اڇي سنگ مرمر واري عمارت اهڙو جادوئي اثر ڪيو جو هو ڪيتري ئي دير تائين ان مان ٻاهر نڪري نه سگهيو، واپس اچي هن پنهنجي زال سان ذڪر ڪيو ته ان سادي مزاج واري ڳوٺاڻي عورت کيس چيو ته تون تاج محل ڏسي آيو آهين، ان ڪري اهڙا خواب پيو ڏسين، عبدالرسول پليءَ جي شادي ٿي هئي ته هو 18 سالن جو ۽ سندس گهرواري مريم 40 سالن جي هئي، ٻنهي جي عمرين ۾ فرق باوجود سندن ارينجنڊ ميرج ڪجهه ئي ڏينهن ۾ لو ميريج ۾ تبديل ٿي وئي، مريم قرآن شريف پڙهيل هئي ۽ اردو ۽ سنڌي ڪتاب به پڙهي وٺندي هئي.هوءَ ڳوٺ جي اڪثر عورتن وانگر گهر سنڀاليندي هئي، سلائي ڪڙهائي ڪندي هئي ۽ ماني پچائيندي هئي، سندس هٿ جي پڪل کاڌن جو مزو اڄ به عبدالرسول جي زبان تي آهي، پنهنجي محبوب زال سان گذاريل وقت عبدالرسول کي ياد آهي، ٻئي گڏجي سفر ڪندا هئا، حيدرآباد ۾ راڻي باغ ۽ ڄامشوري جو سير ڪندي هوٽلن ۾ ماني کائيندي ۽ سينيما فلم ڏسندي ۽ شاپنگ ڪندي هن کي مريم جي هر پسند پسند ايندي هئي، زندگي جا 40 سال ائين ئي اک ڇنڀ ۾ گذري ويا ۽ 2015ع ۾ هڪ ڏينهن اوچتو سندس گهرواري مريم اوچتو بيهوش ٿي وئي کيس ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وڏين اسپتالن ۾ آندو ويو، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ان کي اسٽروڪ ٿي ويو آهي، بيماري وارن ڏينهن ۾ عبدالرسول هر وقت مريم سان گڏ رهيو، کيس دوا کارائيندو ۽ سار سنڀال ڪندو هو، علاج ڪيترائي هفتا هليو پر هڪ ڏينهن جڏهن عبدالرسول ننڊ مان جاڳيو ته ڏٺائين ته سندس گهرواري بيهوش پيل آهي، ڪيتري ئي ڪوشش جي باوجود هوش ۾ نه آئي ۽ ائين دنيا مان هلي وئي. زال جي وفات جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ عبدالرسول کي سال پراڻو خواب ياد آيو، بس پوءِ ڇا ٿيو، هن شاهجهان وانگر زال جي هڪ يادگار ٺهرائڻ جو پڪو فيصلو ڪري ورتو، هن فيصلو ڪيو ته هو 20 فوٽ ڊگهو ۽ 18 فوٽ ويڪرو ننڍو تاج محل ٺهرائيندو، شاهجهان 20 هزار ڪاريگرن ۽ مزدورن جي فوج گڏ ڪئي هئي پر عبدالرسول کي ڳولڻ باوجود ڳوٺ جو مسجدون ٺهرائيندڙ مستري ئي ملي سگهيو، هن پراڻين تصويرن جي البم مان هڪ ڌنڌلي تصوير ڪڍي ۽ مستري شير محمد جي هنر ڀروسي مقبري جي تعمير شروع ڪري ڇڏي، عبدالرسول ۽ شير محمد پنهنجي ذهن ۾ عمارت جو نقشو تيار ڪيو، زمين تي لڪيرون ڪڍيون ۽ بنيادن جي کوٽائي شروع ڪري ڇڏي، هو سڄو ڏينهن تاج محل جي تصوير کڻي مزدورن سان گڏ ڪم ڪرائيندو هو.جيئن جيئن عمارت جون ديوارون وڏيون ٿينديون ويون، مخالفت جا آواز به وڏا ٿيندا ويا، ڪنهن ان کي بدعت قرار ڏنو ته ڪنهن فضول خرچي پر عبدالرسول ڪنهن جي به نه ٻڌي،هن جي زمينن مان آمدني ايندي وئي، خرچ ڪندو ويو، مني تاج محل جو ديوارون ۽ گمبذ تيار ٿيا، انهن تي پر هڻڻ جو مرحلو آيو، شاهجهان ته پنهنجي شاهڪار لاءِ اڇا سنگ مرمر هاٿين تي راجستان مان گهرايا آهن، پر عبدالرسول جي پهچ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد تائين ئي هئي.جتان هن ماربل ۽ سرامڪ ٽائلز گهرايا، شاهجهان جو تاج محل ٺهڻ ۾ 22 سال لڳا هئا، پر عبدالرسول جو ماسٽر پيس صرف 6 مهينن ۾ تيار ٿي ويو، هن جي عمارت تي 12 لک رپيا خرچ ٿيا، جڏهن ته شاهجهان پنهنجي شاهڪار تي ان وقت 3 ڪروڙ رپيا لٽايا هئا. عبدالرسول پلي جو تاج محل ڏسڻ ۾ ڪجهه ڪجهه شاهجهان جي تاج محل جهڙو ته آهي پر بهرحال اصل نه آهي، پر هن لاءِ اهو ئي سڀ ڪجهه آهي، هاڻ هو پنهنجو گهڻو وقت اتي ئي گذاري ٿو ۽ زال سان گڏ گذاريل ڏينهن کي ياد ڪندو رهي ٿو، کيس گهر کان وڌيڪ سڪون پنهنجي ممتاز محل مريم جي قبر تي ملي ٿو. شاهجهان جو تاج محل عجائبات عالم جي زينت آهي ته ڇا ٿيو، عبدالرسول پلي جو مني تاج محل به ڪنهن عجوبي کان گهٽ نه آهي. هاڻ اهو عمرڪوٽ جو هڪ مقامي ٽوئرسٽ اٽريڪشن بڻجي چڪو آهي، ماڻهو پري پري کان مني تاج محل ڏسڻ اچن ٿا، ڪيترائي نوان پرڻيل جوڙا هتي شادي جا فوٽو شوٽ ڪرائين ٿا، هاڻ انهن کي تاج محل آڏو تصوير ڪڍرائڻ لاءِ آگري وڃڻ جي ضرورت نه آهي، ڇو ته آگرا پاڻ انهن وٽ پهچي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو