ليکڪ: ڊاڪٽر محمد زمان سومرو
پرپل ڊي هڪ عالمي سطح تي ڪوشش آهي، جيڪو هر سال 26 مارچ تي سڄي دنيا ۾ مرگهي جي باري ۾ ڄاڻ وڌائڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. پوري دنيا جي 85 کان وڌيڪ ملڪن ۾ گذريل سال ماڻهن پرپل ڊي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڄمون رنگ جا ڪپڙا پاتا ۽ مرگهي کان آگاهي جون مختلف تقريبون ٿيون، واڪ ڪئي وئي. ڪينيڊا دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو 28 مارچ 2012ع تي لاڳو پرپل ايڪٽ ذريعي 26 مارچ کي باضابطه طور تسليم ڪري ٿو.
مرگهي ڇا آهي؟: مرگهي دماغ جي خاص طور مرڪزي اعصابي نظام جي بيماري آهي، جنهن ۾ دماغ ۾ مختصر پر غير معمولي برقي سرگرمي جو اضافو ٿيندو آهي. جنهن جي ڪري جسم جي ڪنهن به حصي يا پوري جسم ۾ جهٽڪا محسوس ٿيندا آهن. وڏي جهٽڪي ۾ بيهوش ٿيڻ، پوري جسم جو اڪڙجي وڃڻ يا هٿ پير هڻڻ، وات ۾ گگ اچڻ، مريض جو پيشاب يا پائخانو نڪري وڃڻ به شامل آهي. ڪنهن به مريض کي هڪ کان وڌيڪ دورا پوڻ سان ان کي مرگهي جو دورو تسليم ڪيو ويندو آهي. انٽرنيشنل ليگ اگينسٽ ايپيليپسي تازو مرگهي کي سنگين طبعي حالت يا بيماري تسليم ڪيو آهي ته دماغ اربين نروو سيل يا نيوران ۾ ٺهيل آهي، جيڪي برقي ۽ ڪيميائي نشانن ذريعي رابطو ڪندا آهن، جڏهن اوچتو گهڻي مقدار ۾ بجلي جي لهر دماغ ۾ پيدا ٿيندي آهي ته دماغ جي نارمل ڪم کي ڊسٽرب ڪندي آهي ۽ پوءِ ان جي ڪري دورو ٿيندو آهي. دوري جا ڪجهه ٻيا هي قسم به آهن، مثال طور، خالي هڪ جڳهه تي گهوري نهارڻ، خوشبو يا بدبو جو اچڻ، خوف، بي قابو حرڪت، جسم جو سن ٿي وڃڻ، پنهنجي ڪپڙن کي پٽڻ، مريض کي عمارتون يا وڻ نظر اچڻ، عجيب ۽ غريب احساس ٿيڻ، مختلف قسم جا آواز / ميوزڪ وغيره ٻڌڻ. جيڪڏهن انهن مان ڪا به هڪ تڪليف ڪنهن ماڻهو ۾ ڏسو ته هڪدم ڊاڪٽر سان رابطو ڪري مرگهي جو علاج ڪرايو وڃي.
مرگهي جي مرض جا اهم سبب: فالج، دماغ جي رسولي، مٿي ۾ شديد ڌڪ لڳڻ، منشيات جو استعمال يا شراب جو غلط استعمال، دماغ ۾ انفيڪشن، پيدائش دوران دماغ ۾ آڪسيجن جي گھٽتائي. ڊاڪٽر مرگهي جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ مريض کان مرض بابت پوري ڄاڻ وٺندو آهي، يعني دوري کان اڳ ۽ پوءِ جي حالت ڪهڙي هئي ۽ دوري دوران مريض کي ڇا پئي ٿيو؟ اهو تفصيل مريض کان وڌ ان جو مائٽ / دوست يا جنهن دوري جي حالت ۾ ان مريض کي ڏٺو هجي اهو صحيح نموني ٻڌائي سگهي ٿو. ڇو ته مريض دوري دوران بيهوش هوندو آهي، مرگهي جي اهم ۽ خاص ٽيسٽ اي اي جي ڪرائبي آهي، هي ٽيسٽ تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ ٿي ويندي آهي ۽ مريض کي ٽيسٽ دوران ڪا به تڪليف نه ٿيندي آهي، هن ٽيسٽ ۾ مرگهي جي قسم جي خبر پوندي آهي ۽ ڊاڪٽر کي علاج ڪرڻ ۾ سهولت ٿيندي آهي.
مرگهي جي دوري دوران احتياط: جيڪڏهن ڪنهن کي دورو پئجي وڃي ته مريض کي ساڄي پاسي ليٽائجي، وات ۾ گگ صاف ڪري مريض جو ساهه بحال ڪجي، ڏندڻ ڀڃڻ جي ڪوشش نه ڪجي، وات ۾ ڪا به شيءِ، دوا يا پاڻي وغيره نه وجهجي، جوتو، بصر يا ڪا به شيءِ نه سنگهائجي، مريض جي ڀرپاسي پيل شيون هٽائي ڇڏجن ته جيئن مريض دوري جي حالت ۾ ٽڪرائجي زخمي نه ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن کي مرگهي جو مرض ٿي وڃي ته مريض باهه جي ڀرسان ڪم نه ڪري، تلاءَ ۾ نه وهنجي، ڊرائيونگ نه ڪري، واش روم وڃي ته ڪنڊي نه لڳائي، رات جو سفر نه ڪري، سج يا تيز روشني ڏي نه ڏسي، بخار ٿيڻ جي صورت ۾ جلد کان جلد ڊاڪٽر ڏي وڃي يا مٿي تي پاڻي جون پٽيون رکي ته جيئن بخار مغز تي نه چڙهي، ويجهي کان ٽي وي يا ڪمپيوٽر نه ڏسي، موبائل جو استعمال گهٽ ڪري، 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڪلاڪ کان وڌيڪ ننڊ پوري ڪري، دوائون ڊاڪٽر جي هدايت مطابق پابندي سان کائي.
مرگهي علاج جوڳو مرض آهي: دنيا ۾ سئو مان هڪ ماڻهو کي مرگهي جو مرض آهي. سئو مريضن مان 70 مريض مڪمل علاج سان ٺيڪ ٿي سگھن ٿا، جنهن جو وقت 2 کان 3 سال آهي. باقي 30 ماڻهن جو علاج ڪرڻ سان انهن جا دورا ڪنٽرول ۾ رهندا ۽ پنهنجي نارمل زندگي گذاري سگهندا، هي موروثي مرض نه آهي، بدقسمتي سان اسان جو سماج هن مرض کي وچڙندڙ مرض يا جن جادو جو اثر سمجهي ٿو، جنهن جي ڪري ماڻهو غلط طبيب جي ور ڇڙهي وڃن ٿا يا پنهنجي پياري تي ڀوپن کان سرود ڪرائيندا آهي يا ڪنهن مزار تي زنجيرن ۾ جڪڙي ايندا آهن. هن مرض جي ڪري ڪئي نوجوان ڇوڪرين جو شاديون نه ٿيون ٿين يا شادي کان پوءِ طلاق ٿي ويندي آهي. ڪيتريون ئي عورتون رڌ پچاءُ دوران باهه ۾ سڙڻ ۽ ڪي پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ جا واقعا به ڏٺا ويا آهن. اچو ته هي معلومات عام ڪيون ته جئين ماڻهن جا هن مرض جي ڪري گهر اجڙڻ کان بچي پون. اهڙن مريضن سان نفرت نه پر پيار ڪريون، ٿوري همٿ ۽ همدردي سان ڪنهن جي زندگي ٺهي وڃي يا بچي پوي ته ان کان وڌيڪ ڪو انسانيت جو ڪم نه آهي، آئون ايپيليپسي ميڊڪيئر فائونڊيشن نواب شاهه جو صدر آهيان. هي تنظيم گذريل چئن سالن کان پنهنجي مدد پاڻ ۽ ڪجهه ويجھن دوستن جي مدد سان مرگهي جي مريضن تي ڪم ڪري پئي، جنهن ۾ مختلف شهرن ڳوٺن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ مرگهي بابت ڄاڻ جا پروگرام ۽ مفت ميڊيڪل ڪيمپون ڪندا رهيا آهيون، جنهن جو تفصيل اسان جي ويب سائٽ تي ڏسي سگهجي ٿو. هن وقت تائين اسان وٽ 4000 کان وڌيڪ مرگهي جا مريض رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، انهن مان سرندي آهر ڪن مريضن کي مفت دوائون ڏيندا آهيون. اي ايم ايف جي پليٽ فارم تان نيورو ٽيلي ڪلينڪ جي سهولت حاصل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ لنڊن جو مشهور نيورو لاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر وڪٽر پيٽرسن آن لائن روزانو مفت مشورا ڏيندو آهي. 100 ڪا وڌيڪ مريض انهن جي مشورن تحت دوائون کائن پيا ۽ اهي صحتياب ٿي چڪا آهن. 20 آگسٽ 2019ع تي پروفيسر اسان وٽ نوابشاهه ۾ انهن مريضن جو معائنو ڪرڻ آيو هو. اي ايم ايف جي پليٽ فارم تان اي اي جي مشين جيڪا مرگهي ڊائگنوس ڪندي آهي. برطانيا مان گهرائي شانزاه اي اي جي سينٽر پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي مين گيٽ جي سامهون انسٽال ڪئي وئي آهي. هي پاڪستان جي پهرين مشين آهي جنهن جي رپورٽ آن لائن لنڊن ۾ پروفيسر اسٽيوڪوئس کان ڪرائي ويندي آهي. آخر ۾ گذارش آهي ته ڪنهن کي به محسوس ڪيو ته مرگهي جو شڪ آهي ته اهو اسان سان ضرور رابطي ۾ اچي. ڪنهن غريب مرگهي جي مريض کي دوائن جي ضرورت آهي ته اهو به رابطو ڪري سگهي ٿو ۽ سرندي وارا ماڻهو جيڪي انهن مريضن جي مدد ڪرڻ چاهين ته اهي به اسان سان رابطو ڪري سگھن ٿا.