ليکڪ: زاهد حسين
انتشار جو شڪار مخالف ڌر ۾ وڌندڙ دورين جو سبب صرف 2 وڏن مخالفن وچ ۾ ٿيندڙ لفظي جنگ نه آهي، ائين نظر اچي پيو ته پ پ ۽ (ن) ليگ ڪنهن حڪمت عملي تي راضي نه پيون ٿين، ان صورتحال کي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو خاتمو ته نٿو چئي سگهجي پر ان اتحاد ۾ ٿيندڙ انتشار مستقبل جي خبر ڏئي رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهو اتحاد باقي رهي پر موجوده نظام کي چئلينج ڪرڻ واري ان جي طاقت ختم ٿي سگهي ٿي، پنهنجي قيام کانپوءِ ئي پي ڊي ايم ڪنهن هڪ بيانيي تي متفق نظر ناهي آئي، هتي شروع کان ئي مفادن واري سياست نظر اچي رهي هئي، جيتوڻيڪ پي ڊي ايم ڪجهه وڏن عوامي اجتماعن ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پريشان ضرور ڪيو آهي، پر حڪمت عملي ۽ مقصد تي اتفاق نه هجڻ سبب ان جو زور گهٽ رهيو آهي، نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز پاران اسٽيبلشمينٽ تي حملن ۽ موجوده نظام کي ڪيرائڻ واريون ڳالهيون پ پ سان اختلاف جو سبب ٿيون آهن پيپلزپارٽي سياسي نظام کي ڊي ريل ڪرڻ نٿي چاهي، ان جي ڪري پيپلزپارٽي اتحادين کي ان ڳالهه تي قائل ڪري ورتو ته چونڊن واري سياست ۾ رهندي ئي موجوده حڪومت خلاف جدوجهد ڪئي وڃي، ان اتحاد ۾ پ پ اها اڪيلي پارٽي آهي جنهن جي ڪنهن صوبي ۾ حڪومت آهي، اهو ئي سبب آهي ته هن نظام مان ٻاهر نڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ پ پ جي مفاد ۾ نه آهي، پي ڊي ايم هن وقت تائين عوامي دٻاءَ جي مدد سان حڪومت جي اختيار کي به چئلينج ناهي ڪري سگهي، اهڙي طرح ڪجهه ٻين سببن به پي ڊي ايم کي پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، پنهنجي خدشن باوجود (ن) ليگ ضمني چونڊن ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جنوري ۾ طئه ٿيل لانگ مارچ کي ملتوي ڪيو، چونڊ عمل جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ وارو فيصلو صحيح ثابت ٿيو، ڇو ته اپوزيشن جي پارٽين پنهنجون سيٽون واپس حاصل ڪري ورتيون ۽ ان سان انهن کي حوصلو مليو ۽ حڪومت دفاعي پوزيشن تي هلي وئي. اسلام آباد مان سينيٽ جي سيٽ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جتي حڪومت کي سخت ڌچڪو پهچايو اتي پيپلزپارٽي جي ان بيانيي کي درست ثابت ڪيو ته حڪومت کي هن نظام ۾ رهندي ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، پيپلزپارٽي پنجاب ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ آڻڻ تي زور ڏئي رهي آهي، ان جو خيال آهي ته حڪومتي بينچن مان به ڪجهه ميمبر عثمان بزدار جي غير موثر حڪومت کي ڪيرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، پر (ن) ليگ پنجاب اسيمبلي ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون رکندڙ پارٽي هجڻ باوجود بي اعتمادي واري تحريڪ جي حق ۾ نه آهي. وزيراعظم جو قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۽ سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ مخالف ڌر کي لڳندڙ جهٽڪي کانپوءِ هاڻي پي ڊي ايم جي اندر به سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تي بحث ٻيهر شروع ٿي چڪا آهن،جيتوڻيڪ پ پ سينيٽ چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي غير جانبدار رهڻ تي يقين رکي ٿي پر مسلم ليگ ن کي ان سان اتفاق نه آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز طرفان اسٽيبلشمينٽ تي حملا ڪرڻ ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه به نه آهي، پارٽي اڳواڻن جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي نواز شريف اسٽيبلشمينٽ طرفان مريم کي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هنيو ۽ انهن کي ردعمل کان خبردار پڻ ڪيو، في الحال ان ڳالهه جو ڪو اشارو موجود نه آهي ته طاقتور ڌر عمران خان جي حڪومت جي حمايت ختم ڪري ڇڏي، پر چونڊ عمل ۾ ان جي مداخلت اختلافن جو سبب بڻيل آهي، سينيٽ چونڊن جي نتيجي کي ڏٺو وٺڃي ته يوسف رضا گيلانيءَ جي سوڀ کانسواءِ ڪو به نتيجو غير معمولي نه هو، سنييٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ به 7 ووٽ رد ٿيڻ سان پي ٽي آءِ جو حامي اميدوار سوڀارو ٿيو، پيپلزپارٽي ان فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو، پر ڊپٽي چيئرمين جي چونڊن ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڇڏيو ته ڪجهه مخالف ڌر جي ميمبرن مخالف ڌر جي اميدوار کي ووٽ نه ڏنو، پر اسان يقين سان نٿا چئي سگهون ته اهو سڀ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت سبب ٿيو آهي، ايوان ۾ اڪثريت هجڻ باوجود به سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ شڪست پي ڊي ايم لاءِ ڌچڪو ثابت ٿي آهي ۽ ان سان پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين جي پوزيشن ڪجهه بهتر ٿي رهي آهي، ان جي ڪري پي ڊي ايم اندر حڪومت جو مقابلو ڪرڻ واري حڪمت عملي تي پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي رهيا آهن، اهي اختلاف گذريل هفتي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ سامهون آيا، مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ (ف) اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏئي اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪرڻ چاهين ٿيون، هي ٻئي پارٽيون پارلياماني سياست کي نه ڇڏڻ واري پ پ جي بيانيي مڃڻ لاءِ راضي نه هيون، ٻئي طرف پيپلزپارٽي جو خيال آهي ته اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ سياسي غيريقيني جي صورتحال ٿي ويندي، جيڪا ڪنهن غير آئيني مداخلت جو سبب بڻجي سگهي ٿي، سنڌ حڪومت ڇڏڻ به پيپلزپارٽي لاءِ نقصان وارو سودو آهي، ان کانسواءِ هڪ اهڙي پارٽي جنهن جو سياسي اثر رسوخ هاڻ صرف سنڌ تائين محدود رهجي ويو آهي، اها اسٽيبلشمينٽ آڏو بيهڻ نٿي چاهي، آصف علي زرداري پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ واضح لفطن ۾ اها ڳالهه چئي هئي ته سندس پارٽي طاقتورن سان مقابلو ڪري نٿي سگهي، هن پنهنجي جماعت جي استعيفائن کي نواز شريف جي پاڪستان واپس اچڻ ۽ مخالف ڌر جي تحريڪ جي قيادت ڪرڻ سان مشروط ڪيو، ان جي ڪري انهن ٻنهي پارٽين وچ ۾ معاملا بحث ۽ تڪرار طرف هليا ويا ۽ پراڻيون رقابتون ٻيهر ظاهر ٿي ويون، هاڻ اهي الزام ۽ جوابي الزام جو سلسلو شروع ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ ٻنهي پارٽين جي نئين قيادت شامل آهي. اها انتهائي عجيب ڳالهه هئي ته مريم نواز طرفان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن مٿان اسٽيبلشمينٽ جي مدد حاصل هجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، بلاول ڀٽو زرداري جواب ۾ مريم نواز کي نواز شريف کي آڻڻ ۾ طاقتورن جي ڪردار ياد ڏياريو هتي اها ڳالهه واضح نظر اچي رهي آهي انهن ٻنهي اڳواڻن ۾ ئي سياسي بلوغت جي کوٽ نظر اچي رهي آهي.بهرحال انهن ڳالهين کانپوءِ به اڃا رستا جدا ناهن ٿيا، اڃا به ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته هي ٻئي پارٽيون ان اتحاد ۾ گڏجي هلي سگهن ٿيون، مسلم ليگ (ن) جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ واري فيصلي تي عمل ڪندي، پوءِ ڀلي پيپلزپارٽي ان فيصلي ۾ شامل ٿئي يا نه ٿئي، ٿي سگهي ٿو ته اهو فيصلو پي ڊي ايم جي اتحاد کي برقرار نه رکي سگهي، اها حڪومت لاءِ ته سٺي خبر ٿي سگهي ٿي پر ڇا مخالف ڌر جي اها ناڪامي حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ ڪافي هوندي؟