ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مهراڻ انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ان جي فائدن بابت ٻن ڏينهن وارو آن لائين عالمي ورڪشاپ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ ادارن جي عملدارن حصو ورتو. آن لائين عالمي ورڪشاپ ۾ دنيا جي مختلف ادارن جي عملدارن پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري، ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو، ڊاڪٽر عدنان پتافي، ڊاڪٽر ذيشان کتري، محمد ارشد، علي عزيز، ڊاڪٽر رام جي پرساد، البينا ميهووسڪا، ياسمين غياث، حفظه آراح، نبيل امجد، سينڊي فورس، انجنيئر پير اڪرم، آصف خان، ڊاڪٽر محمد احسان انصاري، ڊاڪٽر فهيم يار کهاوڙ ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد ڊاڪٽر اسلم عقيلي چيو ته سڄي دنيا ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ڪاروبار جو وڏو ذريعو بڻجي چڪي آهي، هي ورڪشاپ يورپي يونين جي پروجيڪٽ تحت ڪوٺايو ويو، جنهن جو مقصد يونيورسٽين جي شاگردن، استادن ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪمپنين کي جديد ٽيڪنالاجي طرف آڻڻ لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت آگاهي ڏيڻ هو. پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي مطابق ٻن ڏينهن واري هن عالمي ورڪشاپ ۾ دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ ادارن جي 15 کان وڌيڪ مقررن جديد ٽيڪنالاجي جي فائدن متعلق پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪيو، شاگردن کي اهڙن ورڪشاپن مان ڀرپور نموني سان فائدو وٺڻ گهرجي.
212