151

وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، شڪايتن جي ازالي لاءِ ايف بي آر سان رابطو وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب صدر کي سالياني رپورٽ سال 2020ع پيش ڪئي. صدر چيو ته ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ٽيڪس عملدارن جي خلاف عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ٽيڪس محتسب جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهي ضروري آهي، هن چيو ته ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس محتسب ٽيڪسن جي وصولي بهتر بڻائڻ ۽ بي ضابطگيون گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته عملدارن جي بد انتظامي خلاف شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ ايف بي آر سان رابطا بهتر بڻايا وڃن، وفاقي ٽيڪس محتسب جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2020ع ۾ 5.8 ارب روپين کان وڌيڪ جا ٽيڪس ريفنڊ متاثره ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪيا ويا، سال 2020ع جي دوران 3555 شڪايتون اڪلايون ويون، سال 2019ع ۾ اهو تعداد 2863 هو، رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سال 2020ع جي دوران 3532 تازيون شڪايون داخل ڪيون ويون، 2019ع ۾ اهو تعداد 2510 هو، صدر وفاقي ٽيڪس محتسب جي ڪردار کي ساراهيو ۽ فرضن سرانجام ڏيڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو