لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت غير قانوني طور تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار دفاع بابت اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خواجا آصف جي جڊيشل رمانڊ ۾ 8 اپريل تائين واڌ ڪندي خواجا آصف جو ريفرنس داخل نه ڪرڻ تي نيب جي چيئرمين کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت قرار ڏنو ته نيب جو چيئرمين ٻڌائي ته هن وقت تائين ريفرنس داخل ڇو ناهي ڪيو. احتساب عدالت جي ايڊمن جج جواد الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ريفرنس داخل نه ڪرڻ تي نيب جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان هن وقت تائين ڇو ريفرنس داخل ناهي ڪيو، ڇا مسئلو آهي، توهان مذاق بڻائي رکيو آهي، عدالتن وٽ هڪ جوابدار ۽ چار گواهه آهن توهان ان جو ريفرنس اڃا تائين ناهي ٺاهيو. عدالت جاچ آفيسر کي چيو ته توهان سبب عدالتون بدنام ٿين ٿيون، جج جواد الحسن پراسيڪيوٽر کي تنبيهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان ايئن ڪيو ته جوابدار آساني سان بري يا آزاد ٿي سگهي ٿو، عدالتي ٻڌڻي تي خواجا آصف کي بيماري سبب پيش نه ڪيو ويو. جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪندي عدالت کي آگاهه ڪيو ته خواجا آصف بيمار آهي، کيس پيش نٿو ڪري سگهجي ان ڪري عدالت کيس جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪري. عدالت خواجا آصف جي مبهم ميڊيڪل رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل کي چيو ته اها رپورٽ واضح ناهي، اهو کليل تڪرار ناهي ته ڊاڪٽر چئي رهيو آهي ته کيس احتياطي طور تي اڃان نه وڃڻ گهرجي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار کي پيش نه ڪرڻ جي حوالي سان جيل سپرنٽينڊنٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت خواجا آصف کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
155