127

چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ڦاٿل 4 پورهيت اجل جو شڪار

 بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ حادثي سبب کاڻ ۾ ڦاٿل 4 پورهيت اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. چين جي خابرو اداري موجب چين جي اتر صوبي شانسي ۾ ڪوئلي جي گيس سبب کاڻ ۾ ڌماڪو ٿيو  جنهن سبب کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت کاڻ ۾ ڦاسي پيا هئا. رپورٽ موجب هوائيانگ نيو مٽيريل ٽيڪنالاجي گروپ ڪمپني لمٽيڊ تحت زوڪوان ڪائونٽي ۾ ڪمپني لاءِ 12 پورهيت زمين هيٺ سرنگهه کوٽي رهيا هئا ته کاڻ ۾  اوچتو ڌماڪو ٿيڻ کان پوءِ سمورا پورهيت کاڻ ۾ ڦاسي پيا هئا. ريسڪيو ٽيمن آپريشن ڪندي 8 ماڻهن کي زندهه ٻاهر ڪڍي ورتو هو ، جڏهن ته باقي 4 پورهيتن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪم جاري  هو ۽ اڄ صبح جو  10 وڳي انهن 4 ماڻهن جي  لاشن کي به ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو