اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. حڪومت پاران ايڇ اِي سي ترميمي آرڊيننس 2021ع لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ايڇ اِي سي چيئرمين جي ملازمت وارو مدو 2 سال ڪيو ويو آهي. ذريعن مطابق طارق بنوري خلاف وڏي پئماني تي شڪايتون ٿيون، هو گذريل ٽن سالن کان ايڊهاڪ بنيادن تي ايڇ اِي سي هلائي رهيو هو، نه ميرٽ تي مستقل اي ڊي مقرر ٿيو ۽ نه ئي ريجنل ڊائريڪٽر مقرر ٿي سگهيا، وڏين پگهارن تي درجنين ڪنسلٽنٽ ڀرتي ڪيا ويا، جن مان نه ڪجهه رٽائرڊ ۽ ڪجهه عملدارن جي تعليم رڳو گريجوئيٽ تائين هئي. تازو ئي نيب ڊاڪٽر طارق بنوري خلاف بدعنوانين، بي قائدگين، بدانتظامي ۽ ڪنسلٽنٽن جي مقرري بابت جاچ شروع ڪئي آهي، ان دوران آرڊيننس جاري ڪري ايڇ اِي سي چيئرمين جي ملازمت وارو مدو گهٽائي کيس فارغ ڪيو ويو آهي.
179