157

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 67 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 4468 نوان ڪيس ظاهر، صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، وڌيڪ پابنديون لڳائي سگهون ٿا: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 67 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 4468 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جون 44 هزار 279 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 4468 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 67 مريض فوت ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. اين سي او سي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، اڳيان هلي هي بيماري وڌيڪ پکڙجندي، ان ڪري اسان 2 هفتا پهرين پابندين ۾ واڌ ڪئي. هن چيو ته ماڻهن کي اندازو ئي ناهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر ڪيتري خطرناڪ آهي، ڪورونا کان بچاءَ لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن ان تي عوام پاران چڱي ريت عمل نه پيو ٿئي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪورونا وبا جي لهر ۾تمام گهڻي واڌ اچي چڪي آهي، برطانيا کان آيل وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، هن وائرس کان بچاءَ لاءِ شهري ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو