ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سکر پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد عرفان جتوئي واري واقعي جو ڪيس ملوث پوليس آفيسرن خلاف داخل ڪرائڻ لاءِ شاگرد جي ڀاءُ غلام نبي جتوئي جي داخل درخواست تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ايس پي ڪمپلين سيل ڄامشورو ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي، جڏهن ته ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل ايس ايڇ او هٽڙي سيد نثار شاهه، سب انسپيڪٽر گل حسن سومرو، اي ايس آءِ هادي بخش، پوليس اهلڪار علي حيدر ۽ عبدالشڪور پنهنجي وڪيلن سميت پيش ٿيا، ان کانسواءِ ايس ايس پي سکر عرفان سمون پاران سندس وڪيل ايڊووڪيٽ رياضت علي ساهڙ پهچي پنهنجو وڪالت نامو جمع ڪرايو. عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ايس پي ڪمپلين سيل ڄامشورو ڄاڻايو ته عرفان جتوئي اسان جي ضلعي ڄامشورو مان اغوا ناهي ٿيو، هو سکر جي جهانگرو ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي دوران مارجي ويو آهي، سندس مٿان ڄامشورو ضلعي جي سيوهڻ، لوڻي ڪوٽ، ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو ۾ چورين ۽ ڦرن جا ڪيس داخل ٿيل آهن. ايس ايڇ او ڄامشورو داخل ڪرايل رپورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو ته شاگرد عرفان جتوئي کي ڄامشورو جي حدن مان ناهي کنڀيو ويو، جڏهن ته ڄامشورو مان سندس گرفتاري جي پوليس اسٽيشن تي انٽري به داخل ناهي. عدالت وڪيلن جو ورڪ سسپينڊ هجڻ ڪري درخواست تي ٻڌڻي 12 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي کانپوءِ درخواستگذار غلام نبي جتوئي جي وڪيل ايڊووڪيٽ شاهد حسين سومرو صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بار جي چونڊ سبب وڪيلن جو ورڪ سسپينڊ آهي، جنهنڪري عدالت 12 اپريل تي ٻيهر ٻڌڻي جي تاريخ ڏني آهي. هن ايس پي ڪمپلين سيل ڄامشورو جي رپورٽ تي اعتراض اٿاريندي چيو آهي ته پوليس آفيسرن پاران رڪارڊ بيان عدالت ۾ جمع ڪرائڻ واري عمل کي نٿا مڃون، واقعي ۾ ملوث پوليس عملدارن خلاف عدالت ذريعي ڪيس داخل ڪرائينداسين، عدالت مان انصاف جي اميد آهي. واضح رهي ته عرفان جتوئي جي ڀاءُ غلام نبي جتوئي پاران 19 مارچ تي سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ عرفان جتوئي جي مارجڻ تي پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ايس ايڇ او هٽڙي، ايس ايڇ او ڄامشورو سميت ٻين پوليس عملدارن 10 فيبروري تي ڀاءُ عرفان جتوئي کي سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل بوائز هاسٽل تان گرفتار ڪندي کيس 8 مارچ تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي هدايتن تي مبينا مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو.
209