221

بوري والا ۾ پوليس حراست هيٺ 2 جوابدار پنهنجي ئي ساٿين هٿان مبينا طور قتل

بوري والا (ويب ڊيسڪ)  ماڊل ٽائون ۾ پوليس حراست هيٺ ٻن جوابدارن کي پنهنجي ئي ساٿين مبينا طور گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق حراست هيٺ جوابدار ڦر جي واقعن ۾ ملوث هئا، ٻنهي جوابدارن کي پوليس رڪوري لاءِ وٺي وڃي رهي هئي ته ٽن هٿياربندن پوليس وين تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ حراست هيٺ ٻئي جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڪانسٽيبل زخمي ٿي پيو. پوليس مطابق جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي ڪانسٽيبل کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو