لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي عوام جو آواز بڻي پر پي ٽي آءِ حڪومت هر شعبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ حسن مرتضيٰ سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران بلاول ڀٽو زرداري حسن مرتضيٰ سان پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بلاول ڀٽو پ پ اڳواڻ حسن مرتضيٰ کي پنجاب ۾ احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن جو ساٿ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي پنجاب جي عوام جو آواز بڻي، هن حڪومت هر شعبي کي تباهه ڪيو آهي، عام ماڻهو هجن يا سرڪاري طبقو، حڪومتي پاليسين ۽ مهانگائي مان تنگ ٿي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهي، سرڪاري ملازم هجن، هاري يا شاگرد، پيپلز پارٽي سڀني سان گڏ آهي.
142