ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڪورونا جي صورتحال سبب قلندر لال شهباز جي درگاهه 10 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ سميت عرس مبارڪ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سھيل انور سيال جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڄامشورو ۾ اھم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ايم اين اي سڪندر راھپوٽو، اڳوڻو ايم پي سيد آصف علي شاھ، چيف ايڊمسٽريٽر اوقاف محمد شريف شيخ، لفٽينينٽ ڪرنل ملڪ شعيب افتخار، ڊي سي فريدالدين مصطفيٰ، ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ، درگاهه لال شھباز جي گادي نشين سيد الله بخش شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ اندر ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا جي صورتحال سبب قلندر لال شهباز جي درگاهه کي 10 ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويندو، جڏهن ته هن سال قلندر لال شهباز جو عرس مبارڪ به نه ملهايو ويندو. گڏجاڻي کانپوءِ شھباز ميلا ڪميٽي چيئرمين، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن فريدالدين مصطفيٰ صحافين کي ٻڌايو ته اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪورونا جي صورتحال سبب قلندر لال شهباز جي درگاهه 10 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ سميت عرس مبارڪ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
178