172

اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ محمد صفر بڙدي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

اڪري چودڳي (ن سوڀ) اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ محمد صفر بڙدي جو رهواسي 18 ورهين جو نوجوان منصور علي پٽ عبدالستار بڙدي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻن موجب گذريل چئن ڏينهن کان ڳوٺ ۾ بجلي سپلاءِ بند هئي، جنهنڪري نوجوان ٽرانسفارمر وٽان تارون ٺيڪ ڪري رهيو هو ته اوچتو بجلي سپلائي بحال ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان کي ڪرنٽ لڳي ويو ۽ هوءَ زمين تي ڪري پيو، کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڪرونڊي جي خانگي اسپتال منتقل ڪرايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو