184

ٿر ۾ عورتن جي آپگهات جا وڌندڙ واقعا…!!

ليکڪ: چاندني ديوراجاڻي

زندگي ۽ موت صرف خدا جي هٿ ۾ هوندو آهي پر ڪجهه انسان بي موت مرندا آهن، انسان زندگي جي آسائش لاءِ محنت ڪندو آهي، مسلسل محنت ۽ جدوجهد اهو انسان ڪندو آهي جنهن ۾ همت ۽ حوصلو هوندو آهي، جڏهن انسان مان اهو حوصلو ۽ همت ختم ٿي وڃي ته اهو پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار  ٿي ويندو آهي، پاڻ کي لاچار محسوس ڪندو آهي ۽ اهو سوچي وٺندو آهي ته هاڻي زندگي ۾ ڪجهه به ناهي، پوءِ آپگهات جهڙي برائي کي اختيار ڪري وٺندو آهي، ائين ئي گذريل ڪجهه سالن کان ٿر ۾ پڻ آپگهاتن جا لڳاتار واقعا پيش اچي رهيا آهن، ڪٿي غربت سبب آپگهات ڪيا وڃن ٿا، ته ڪٿي ذهني توازن وڃائڻ جي ڪري خودڪشيون ٿين پيون، ڪٿي وري عزت ۽ غيرت تي ته ڪٿي وري ظلم ۽ زيادتين کان بيزار ماڻهو زندگي جو انت آڻي رهيا آهن، اسان جي ٿر ۾ ويجهڙ وارن 15 کان 20 سالن کان خودڪشين جا واقعا ٻڌڻ ۾ اچن پيا، ٿر جي غريب گهراڻن جون نياڻيون شادي کانپوءِ مسلسل ظلم ٿيڻ ڪري تنگ ٿي پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏينديون آهن، ڪٿي وري قتل کي خودڪشي جو نالو ڏئي ظلم ڪندڙن کي بچائڻ جو طريقو به ڪڍيو ويو آهي، اهڙا قاتل سرعام گهمن پيا، جيڪي اسان جي سماج جي نياڻين جون زندگيون خراب پيا ڪن، آئون خودڪشي جي بلڪل خلاف آهيان، آئون ان ڳالهه جي حق ۾ هرگز ناهيان ته خودڪشي ڪو مسئلي جو حل آهي، اها برائي نه صرف مٽن مائٽن لاءِ خواري آهي پر پوري سماج لاءِ داغ پڻ آهي، پر ٻئي پاسي سوچيو وڃي ته اسان تعليم يافتا ڇوڪريون اها سوچ رکنديون آهيون ته هن پريشاني کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيا به اپاءَ آهن، ٿر جون نياڻيون جن جي سوچ گهر ۽ ساهرن تائين محدود هوندي آهي، مائٽ به غربت جا ماريل هوندا آهن، شروعات ۾ اهي وحشي ظالمن جا ظلم سهنديون آهن، صبر جو ڀاڱو قائم رکندي رکندي نيٺ ظلمن جي انتها سبب زندگي تان هٿ کڻي ڇڏينديون آهن، آئون اڄ به گذارش ڪريان ٿي انهن مائٽن کي ته پنهنجين نياڻين کي ذهني آزادي ڏيو، سندن ساٿ ڏيو ۽ کين حوصلو ڏيو، شادي کان پهرين به اهو چيو ويندو آهي ته ڇوڪري پرائو ڌن آهي، شادي کان پوءِ به ساهرا چوندا آهن ته پرائي ڇوڪري آهي ته اها ڇوڪري بي وس نه ٿيندي ته ڇا ٿيندي؟ نياڻي ماءُ ۽ پيءُ لاءِ هميشه پنهنجي ئي هوندي آهي، شادي کان پهرين ئي پنهنجين نياڻين کي اهو درس ڏنو وڃي ته ضرورت ۽ ساٿ جي وقت مائٽن جو در هميشه کليل آهي، غيرماڻهن جي ظلمن کان بچڻ لاءِ پنهنجي نياڻين کي حوصلو ۽ همت ڏئي اتساهيو وڃي، گذريل ڪجهه سالن ۾ ٿر جون هندو نياڻيون خودڪشي جي نالي تي قتل ڪيون پيون وڃن ۽ اهڙن واقعن کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ سان گڏوگڏ سندن غريب مائٽن کي ڏوڪڙ ڏئي پنچائتن ۾ دٻڙ ڌئونس سان راضي ڪري ڪيسن کي پڻ پئسا ڏئي لوڙهيو ويو آهي، نياڻين سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي، ماڻهن جي سوچ نه بدلجڻ ڪري اڃا تائين پراڻي دور واري زندگي گذاري رهيا آهن، تنهن ڪري نياڻين جا سوچي سمجهي رشتا ڪرڻ بدران پنهنجي مرضي موجب ڪيا وڃن ٿا، نتيجي ۾ ظلمن جو شڪار به نياڻي ئي ٿئي ٿي، نياڻين جا رشتا اتي ڪيا وڃن ٿا جن خاندانن کي پاڻ به چڱي نموني نه ٿا سڃاڻن ۽ بدقسمتي سان اهڙا رشتا اسان جي ٿر جي لوئر ڪلاس ۾ وڌيڪ ٿين ٿا، ڇو ته اپر ڪلاس ۾ ان قسم جا واقعا ٿين ئي ڪو نه  ٿا، اهڙا واقعا لوئر ۽ لوئر مڊل ڪلاس جون ڇوڪريون ڪري رهيون آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اتي پڙهيل لکيل ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو، ماڻهن جي سوچ کي بدلائڻ لاءِ جاڳرتا پکيڙڻي پوندي، ڇو ته محنت سان هر شيءِ حاصل ڪري سگهجي ٿي، تنهن ڪري اچو ته ٿر جي انهن ماڻهن کي سمجهايون ته اوهان نياڻين کي به انسان سمجهو، سندن خواهشن جو خيال رکو ۽ خاص ڪري رشتن ۾ سندن مرضي معلوم ڪريو ته جيئن اهي آپگهات جهڙن واقعن کان بچي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو