181

هڪ ڪلاسيڪل سردار جو وڇوڙو…

ليکڪ: غلام فريد هاليپوٽو

ڪي ماڻھو تاريخ ٿيندا آھن ڪي ماڻھو پنھنجي ڌرتي تي اھڙي ته الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ رکندا آھن جو انھن کي دنيا نرالي انداز سان نھاريندي آھي، سنڌ ۾ جتي ڀوتارن، پيرن ۽ ميرن کي ناڪاري نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو اتي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اھڙا به وڏيرا آھن جيڪي سنڌ جي ثقافت جا امين سڏجن ته وڌاءُ نه ٿيندو، سنڌ جو هڪ اھڙو ئي ڪلاسيڪل وڏيرو سردار بشير احمد ھاليپوٽو پڻ ھو، جيڪو تازو اسان سنڌ واسين کان وڇڙي ته ويو آھي پر سنڌ جي ثقافتي سرگرمين ۾ سج جيان چمڪندو رھندو، ھو جيڪو روايتي وڏيرپ کان گھڻو پري بيٺل نظر ايندو ھو، ھو جيڪو ڪنھن برادري جي غريب کي ھيٺ نه ويھاريندو ھو، ھو جيڪو باگڙين جي ٻارن کي به ڀاڪر پائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو ھو، اھو ئي سبب آھي جو سندس وڇوڙي تي نه فقط ھاليپوٽا رنا آھن پر ھر ان ماڻھو جي اک آلي ٿي آھي جيڪو ان سردار بشير احمد ھاليپوٽي سان زندگي ۾ ڪڏھن ھڪ پل لاءِ به مليو ھجي، سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪُک مان هر وقت ڪيترائي انمول انسان جنم ڏنا آهن، جن هن دنيا جي تختي تي هڏڏوکي، غريب مسڪين ماروئڙن جي مدد ڪري پنهنجو پاڻ مڃايو آهي، اهڙن ئي املهه انسانن مان سردار بشير احمد هاليپوٽو پڻ هڪ هو، جنهن جي وفات 3 ڏينهن اڳ ماتلي ڀرسان ٿي، سندس عمر اٽڪل 70 ورهيه هئي. هو ٽي ڀيرا ايم اين اي ۽ ٻه ڀيرا ايم پي اي رهيو، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهي چڪو هو. سردار بشير احمد سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، سنڌ ۾ لڳندڙ ثقافتي ميلن ملاکڙن ۾ سردار بشير احمد هاليپوٽي جو وڏو ڪردار ھوندو ھو، ھو مڻيادار مڙس ھو، شاھنواز جوڻيجو کان پوءِ شايد ھو سنڌ جو آخري ڪلاسيڪل وڏيرو ھو جنھن تي ھر برادري جو ماڻھو اکيون ٻوٽي اعتبار ڪندو ھو، يقينن اھڙن ماڻھن جو وڇوڙو قومي نقصان ھوندو آھي، سردار بشير احمد ھاليپوٽو سخي سردار ھو، ھڪ ڀيري جڏھن ڪنھن سائل کيس 7 ھزار رپين جي صدا هنئي ته ان کي ھن فقير وڏيري 70 ھزار ڪڍي ڏنا، واقعي اھڙا مانجھي مڙس صدين کان پوءِ جنم وٺندا آھن ۽ جڏھن رڻ جا راھي ٿيندا آھن ته راڄ روئاري ويندا آھن، ماتلي ڀرسان ڳوٺ محمد صالح هاليپوٽي ۾ سندس تڏو وڇايو ويو آهي، جتي روزانو سوين ماڻهو تعزيت لاءِ اچي رهيا آهن، سندس جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شريڪ ٿي اهو ورجاءُ ڪيو ته جيڪي ماڻهو محبت ڀريا، قربائتا، مسڪينن، غريبن ۽ اٻوجهن جا همدرد هجن، جن جي در تي هر ماڻهو اچي وڃي سگهي، اهڙا ماڻهو جڏهن دنيا جهان ڇڏي ويندا آهن ته نه رڳو اکين مان ڳوڙها وهي هلندا آهن پر دل به روئڻ لڳندي آهي.

 سنڌ جي لاڙ پٽي ۾ پنهنجي طبيعت جو منفرد مزاج رکندڙ سردار بشير احمد ھاليپوٽو جيڪو هن سماج ۾ رهي ڪري به پاڻ کي وڏيرو نه سمجهندو هو، هو هو ته علائقي جو وڏو معزز ۽ سردار پر هر ماڻهو پنهنجي مدد ۽ پنهنجي مسئلي لاءِ وٽس ملڻ ويندو هو ته کيس گارڊ وغيره به نه روڪيندا هئا، ڇاڪاڻ جو سردار بشير احمد جو پنهنجي چوڪيدارن ۽ گارڊن کي اهو چيل هوندو هو ته منهنجا دروازا هميشه کليل آهن، وٽس ڪو به علائقي جو ماڻهو هلي اچي ته ان کان آڏي پڇا نه ڪئي وڃي، هو سنڌ جي ثقافت جو امين به هو، سنڌي ٽوپي، وڏو پٽڪو پهري گهمندڙ سردار بشير احمد هاليپوٽو قد بُت ۾ ڀريل پهلوان شخص گهوڙي تي سوار ٿي جڏهن هلڻ لڳندو هو ته ڏسڻ وارا ڏسي دنگ رهجي ويندا هئا، اڪثر ڪري مٿي تي بوسڪي جو پٽڪو يا سنڌي ٽوپي پائيندڙ سردار ڀلوڙ نسل جا گھوڙا، ڍڳيون ۽ مينهون پالڻ جو وڏو شوق رکندڙ ھو، سردار بشير احمد هاليپوٽو هڪ سٺو سگهڙ پڻ هو، نڙ بيتن جي مشھور شاعر سانوڻ خاصخيلي جي نالي سان سانوڻ فقير جي ميلي جو به خالق ھو. رئيس شاھنواز جوڻيجي کان پوءِ سنڌ ۾ ڪلاسيڪل وڏيري طور وڏي سڃاڻپ رکندڙ سردار بشير احمد ھاليپوٽو ئي ھو. چونڊ مھم دوران ٻين اميدوارن جيان گاڏين جون ڊگھيون قطارون ۽ ھٿياربند گارڊن جا جٿا ڪري ورڪ ڪرڻ جو مخالف ھو. ڳوٺن توڙي شھر ۾ ھميشه پاڻ اڪيلو نڪري پوندو ھو، سردار بشير احمد هاليپوٽو چوندو هو ته تڪ جي عوام جون جيڪڏهن شڪايتون ھونديون ته اھي غور سان ٻڌي سگھجن ٿيون، اليڪشن  وارن ڏينهن ۾ ڪڏهن به ڪنهن پولنگ تي نه آيو ۽ جھيڙن جو سخت مخالف ۽ امن ڀائيچاري جو سفير ھو،  هن تازو ملڪ سميت سنڌ جي مختلف علائقن جيان ماتلي ۾ حددخلين سبب بي گهر ٿيل غريب عوام کي تحفو پڻ ڏنو، انهن کي پنهنجي زمين مفت ۾ ڏئي کين مفت ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪيو. غريب طبقو وڏيري جو عاشق ھو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو