ليکڪ: محمد امين سيال
باڊھ شھر لاڙڪاڻي پرڳڻي جو هڪ تاريخي ٻيو نمبر وڏو ۽ ڪاروباري شهر هو، جنھن جي سموري سونھن سياسي تضادن جي ور چڙھي ختم ٿي وئي آهي ۽ ھينئر ھي پنهنجي ڪاروباري ۽ خوبصورتي واري حيثيت وڃائي کنڊرات جا منظر پيش ڪري رهيو آهي. باڊھ شھر هينئر تقريبن ڏيڍ لک آبادي تي ٻڌل آهي، باڊھ شھر پ پ پ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس وني مرحومه بيگم نصرت ڀٽو جو چونڊ تڪ پڻ رھيو آهي، باڊھ شھر ۾ نه ته پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻي جي سھولت آهي ۽ نه ئي روڊ رستن، صفائي، صحت ۽ تعليم جي ڪا سھولت آهي. شھر جو مين روڊ ھنڌان ھنڌان اکڙي تباھه ٿي چڪو آهي. باڊھه شھر 14 وارڊن تي ٻڌل آهي ۽ ان شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ تعلقا موومينٽ پاران گذريل ٻن سالن کان لڳاتار جدوجهد ٿيندي پئي اچي، باڊھ تعلقا موومينٽ جا اڳواڻ ڪنوينر علي محمد بروھي، زيب علي ساريو، ڪامريڊ قادر بروھي، ڪامريڊ عزيز بروھي ۽ ٻين پاران تعلقا موومينٽ جي پليٽ فارم تان دستاويزي ڪم، يوسيون ۽ گهربل سموريون ضروري شيون پوريون ڪيون ويون آهن تنھن باوجود به شھر کي تعلقي جو درجو نٿو ڏنو وڃي، ان کانسواءِ باڊھ شھر سميت ڏوڪري، آريجا، باقراڻي، لاڙڪاڻو، شھيدن جو شھر ڳڙھي خدا بخش، دادو، مورو، ڄامشورو، حيدرآباد، خيرپور کان ويندي ملير پريس ڪلب، ڪراچي پريس ڪلب ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شھرن جي پريس ڪلبن تائين احتجاج ڪري چڪا آهن ۽ باڊھه ڄاوا شاگرد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، مھراڻ يونيورسٽي، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۽ قائد عوام يونيورسٽين تائين پنهنجي شھر جي حقن جي حاصلات لاءِ احتجاجن جو دامن پڪڙي چڪا آهن پر نتيجو ٻڙي ئي نڪتو آهي، جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن وڏي وزير سميت چونڊيل نمائندن تائين مطالبا پڻ پهچايا آهن پر هر ڀيري بجيٽ جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي ڳالهھ کي ٽاريو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪجهه ڏينھن اندر ڪياماڙي کي ضلعو بڻائي اربين روپين جي لاڳت خرچ ڪري ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٿا ته پوءِ باڊھ تعلقي لاءِ بجيٽ نه ھجڻ جو جواز بي اثر ٿي وڃي ٿو، باڊھ شھر جا نوجوان، ٻار ۽ بزرگ جي تعلقا موومينٽ سان سلھاڙجي ويا آهن ۽ اهي نه فقط گذريل ٻن سالن کان باڊھ کي تعلقو ڪرڻ جو حق گهري رھيا آهن پر ھي جدوجهد جنرل پرويز مشرف واري دور کان اصل ۾ شروع ٿي ھئي، جنھن وقت سنڌ جي اقتدار جون واڳون غلام ارباب رحيم جي ھٿ ۾ ھيون ۽ مختلف شھرن کي تعلقن جو درجو ڏنو پئي ويو، جنھن ۾ قمبر جي شهرين پڻ ڀرپور جدوجهد ڪئي هئي ۽ باڊھ کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ ايس ٽي پي پاران مسلسل 4 مھينن تائين جدوجهد ڪئي وئي هئي، ان وقت جي صوبائي وزير مرحوم حاجي الطاف حسين خان انڙ باڊھه بدران پنھنجي شھر باقراڻي کي تعلقي جو درجو ڏياريو هو، جيڪو ان وقت صرف 20 دوڪانن تي ٻڌل هو. ان کان پوءِ جڏھن محترمه بينظير ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو ۽ سنڌ توڙي وفاق ۾ پ پ پ اڪثريت سان پنھنجي حڪومت ٺاھي ته ان وقت جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهرين جي جدوجهد ڏسي 2008ع ۾ ڏوڪري جي علي پارڪ ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي باڊهه کي جلد تعلقي جو درجو ڏيارڻ جو اعلان ڪيو هو، پر اهڙو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو، شهرين جو خواب آهي ته باڊهه جي تعلقي بڻجڻ سان ملازمتون وڌنديون، آفيسون وڌنديون، صفائي جو رجحان وڌندو، پيئڻ جي مٺي پاڻي جو مسئلو حل ٿيندو، پر اهي خواب اڃا تائين صرف خواب ئي آهن.2013ع جي چونڊن ۾ به تڪ مان چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي شهرين سان واعدو ڪيو ته باڊهه کي تعلقي جو حق ڏياريو ويندو، پر پوءِ به اڃا تائين نه رڳو تعلقي جو درجو ناهي مليو پر شهر کي ڪا به ترقياتي اسڪيم نه ڏني وئي، وري 2018ع جي چونڊن ۾ به ساڳي صورتحال رهي، جنهن سبب شهرين توڙي اڳواڻن ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي، شهرين هن ڀيري اهو عهد ڪيو آهي، حقن جي حاصلات تائين جدوجهد جاري رهندي ۽ جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويندو تيستائين خاموش نه ويهبو، هن ڀيري باڊهه واسين اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن تعلقي جي درجي وارو حق نه مليو ته اهي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندا ۽ جيڪو به تعلقي جو نوٽيفڪيشن آڻيندو ان کي ئي ووٽ ڏنو ويندو، اسان حڪمرانن کان اپيل ٿا ڪريون ته باڊهه به سنڌ جو شهر آهي ۽ شهيدن جي ضلعي سان لاڳاپيل آهي، جيڪڏهن تعلقي جو درجو ملڻ سان ان ڏتڙيل علائقي کي ترقي ملندي ته اها بنيادي طور تي حڪمرانن جي ئي سوڀ هوندي، ان ڪري هاڻ وقت اچي ويو آهي ته شهرين جي آواز ۾ آواز ملائي باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي.