ليکڪ: طفيل مگسي
ڏٺو وڃي ته هالينڊ جي آبادي صرف ارڙھن ملين آھي ۽ هن جا قدرتي وسيلا نه هئڻ جي برابر آھن.پر پوءِ به سندس ٽوٽل پيداوار پاڪستان کان ٻيڻ تي آھي، پر هن جيڪا ترقي ڪئي آھي، ان ۾ سڀ کان وڏو عمل دخل هن جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي آھي. ايران ۽ انڊيا اسان جي ڀيٽ ۾ اسان کان وڌيڪ بجيٽ تعليم تي خرچ ڪن ٿا، پر اسان ڪو به کڙ تيل نه ڪڍي سگهياسين، جيتوڻيڪ اسان ڪرڪيٽ، اسڪواش ۽ ٻين راندين ۽ ميڊيڪل واري شعبي ۾ ترقي ڪئي، راندين جي ترقي واري حساب سان اسان کي اهو ڦل مليو ته اڄ ھڪ رانديگر اسان جي ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ويٺو آھي، جنهن ملڪ کي راند جي ميدان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي.پر جڏھن اسان سائنس ڏانهن نظر وجهون ٿا ته ان ميدان ۾ اسان زيرو ميٽر لڳا پيا آھيون، جو هن وقت تائين اسان هڪ به نالي وارو رياضيدان پيدا ناهيون ڪري سگهيا. اسان وٽ ھتي تعليم جي تبديلي جي ته ڳالهھ ٿئي ٿي، پر تحقيقي علم جي ڪڏھن به ناهي ٿي، ۽ جيڪا سائنس اسان وٽ پڙھائي وڃي ٿي اها وتائي فقير جي گفتن واري ئي آھي، سنڌ جي هڪ نصابي ڪتاب ۾ ارتقا واري نظريي کي هڪ ٺٺول واري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي، اسان جا 90 سيڪڙو پروفيسر انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ داخلا وٺڻ جي قابليت به نٿا رکن. لارڊ ميڪاليءَ جڏھن 1835ع ۾ تعليمي سڌارن جو اعلان ڪيو ته بنگال جي اٺ ھزار مولوين ان جي خلاف يادداشت لکي هئي، پاڪستان ۾ سائنس جي شعبي ۾ صرف نالي ماتر ماهر آھن، جڏھن ته ٻاھرين دنيا ۾ اسان ڪنهن ڳڻپ ۾ ئي ناهيون، ٻئي پاسي پاڙيسري ملڪ انڊيا جا سائنسدان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ موجود آھن، پروفيسر هود ڀائي جي بقول ته هو ڪجهه سال اڳ سائنسي ليبارٽري سرن ۾ ويو ته هڪ ڏينهن اتي هڪ مشھور فزڪسٽ سان ملاقات ٿيس، جڏھن ان پنهنجو تعارف فزڪسٽ جي حيثيت سان ڪرايو ته هو حيران ٿي پڇڻ لڳو ته”ڇا پاڪستان ۾ به فزڪسٽ آھن“؟ اعليٰ تعليم جو بحران هڪ پاسي آھي، جڏھن ته اسڪولن ۽ ڪاليجز جو بحران ٻيو آھي، يعني الميو اهو آھي ته اسان جا 50 سيڪڙو ٻار اسڪول وڃن ئي نٿا ۽ جيڪي وڃن ٿا، اهي ڪهڙي تعليم حاصل ڪري رهيا آھن، جنرل ضياءُالحق کانپوءِ غير ضروري طور تي مذھبي تعليم کي هر تعليم ۾ داخل ڪيو ويو ۽ ستم اهو ٿيو ته بائيولاجي جي درسي ڪتابن ۾ اڳ ۾ ئي اهو لکيو ويندو آھي ته انهن تصويرن کي ڏسي پڙھي ڇڏيو پر انهن تي يقين يا اعتبار نه ڪيو، هي مثال به عام آھي ته ٻه رڪشا جيڪڏھن پاڻ ۾ ٽڪرائجي وڃن ته ڪار نٿا بڻجي سگهن، جڏھن اهڙا بيوقوف ماڻھو ڪتاب لکندا ته علم، تحقيق ۽ ايجاد ڪهڙي ٿيندي ۽ نتيجي ۾ اڄ جهڙو ئي نسل پيدا ٿيندو. مغل دور ۾ تعليم کي نظرانداز ڪيو ويو، پر آرڪيٽيڪچر تي خاص ڌيان ڏنو ويو،اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه هئي، پر مغلن جي درٻار ۾ تجسس نالي جي ڪا شيءِ نه هئي، مغل دور جي خاتمي کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ مسلمان خوار ٿيا، مسلمانن جي ويجهو عربي، فارسي ۽ اردو جي انهن کي ضرورت هئي.جڏھن لارڊ ميڪاليءَ انگريز سامراج کانپوءِ جديد تعليم جي لاءِ اسڪول کولڻ لاءِ مدد جي آڇ ڪئي ته مسلمانن سخت مخالفت ڪئي ۽ ھندن ان عمل جي آجيان ڪئي ۽ جديد اسڪول کليا، جنهن سان مسلمانن ۽ ھندن ۾ فرق پئجي ويو. اهڙي ريت ٻه قومون انگريز کان پوءِ بڻيون، اڳ ۾ ڪو مسئلو نه هو پر رهيل ڪسر آدمشماري ۾ پوري ٿي وئي، جڏھن انهيءَ حساب سان نوڪريون ملڻ لڳيون ته مسلمان برين حالتن ۾ ھئا، ان وقت ۾ سر سيد احمد خان ئي اڪيلو اڳواڻ هو جيڪو علمي جدوجهد ۾ لڳو رهيو ۽ مسلمانن جي لاءِ جديد تعليم جي حاصلات جي لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي. پاڪستان کي به تعليمي طور تي بدلجڻ جي اهائي روايت قائم رکڻ جي سخت ضرورت آھي جيڪا باقي دنيا ڪري ٿي يعني ٻارڙن کي سوچڻ، سمجهڻ جي تعليم ڏيو، اوهان بيشڪ مادري ٻولي ۾ شروعاتي تعليم ڏيو ۽ اردو پڙھايو، سنڌي پڙھايو ۽ ھائير اسٽڊيز انگريزي ۾ پڙهايو پر سوچڻ ۽ سمجهڻ جي طاقت ڏيو، ڇو ته هينئر ته وچ اوڀر ۾ به اسان جا تعليم يافتا نوجوان نٿا قبول ڪيا وڃن.ان ڪري مستقبل نهايت ڀيانڪ ٿيندو.اسڪولن ۾ او ليول تائين استاد بهتر آھن.پر اي ليول ڪافي وڏا اسڪول ناهن ڪرائي رهيا.ڇوته استاد ئي نٿا ملن اهو هڪ الڳ الميو آھي.حالتون بدلائڻ جي لاءِ نصاب جي تبديلي، استادن جي نئين سر تعليم ۽ نظام تبديل ڪرڻو پوندو، نه صرف اهو پر اسان کي سائنس ۽ مذھب کي پڻ الڳ ڪرڻو پوندو، ڇوته ان سان مذھب کي ڪو فائدو ٿي رهيو آھي ۽ نه ئي سائنس تي ڪو اثر پئجي رهيو آھي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي جديد دنيا سان گڏ هلڻ لاءِ جديد سائنسي علمن تائين پنهنجي ٻارن کي رسائي ڏيڻي پوندي ۽ اسان جي ليکڪن تي پڻ سڀ کان وڏي ذميواري اها آهي ته اهي جديد سائنسي تعليم کي پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪن ۽ اها آسان ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي نئين نسل ۽ خاص ڪري پرائمري ۽ مڊل جي سطح تي ٻارڙن تائين پهچائين جيئن اهي وڌ کان وڌ ان مان فائدو ۽ ڄاڻ وٺي سگهن، گڏوگڏ اسان جي نصاب ۾ پڻ جديد قسم جي سائنسي معلومات جا سبق شامل ڪيا وڃن، جيڪڏهن اسان کي دنيا سان گڏ هلڻو آهي ته يقيني طور تي اسان کي ان لاءِ ان سطح ۽ ان قسم جون ڪوششون پڻ وٺڻيون پونديون، چائنا، فرانس، ايران سميت دنيا جا ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جن ۾ انگريزي نه هجڻ جي برابر آهي پر اتان جا سائنٽسٽ ۽ ليکڪ سڄي دنيا جو علم پنهنجي ٻولين ۾ ترجمو ڪري پنهنجي نئين نسل تائين پهچائي رهيا آهن، نتيجو اسان سڀني جي آڏو آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي به سائنسي بنيادن تحت سوچي پنهنجي ٻارن کي جديد تعليم ڏيڻي پوندي.