179

اسرائيلي چونڊن ۾ مسلمان اڳواڻ جي هٿ آيل اقتدار جي ڪنجي…

انٽرنيشنل ڊيسڪ

اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ 90 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ ٿي چڪي آهي ۽ في الحال اهو امڪان آهي ته وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو اقتدار ۾ رهڻ لاءِ گهربل ووٽ حاصل نه ڪري سگهندو، متوقع نتيجن مطابق سندس کاٻي ڌر جي اتحاد کي 59 سيٽون حاصل ٿينديون، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ گهربل سيٽن کان 2 سيٽون گهٽ آهن، انگن اکرن هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته شايد مسلمان عربن جي پارٽي يونائيٽيڊ عرب پارٽي جو اڳواڻ منصور عباس حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪنگ ميڪر ثابت ٿي سگهي ٿو، اسرائيلي عربن جي حقن ۽ فلسطيني رياست جي حق ۾ ڳالهائيندي منصور عباس جي پارٽي غير حتمي نتيجن مطابق 5 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته ان ڳالهه جو دارومدار منصور عباس تي هوندو ته هڪ اهڙي صورتحال ۾ جتي ڪنهن کي به واضح اڪثريت هجڻ جو امڪان نه آهي، اتي پنهنجي 5 سيٽن جو وزن ڪنهن جي پلڙي ۾ وجهي ٿو، متوقع نتيجن مطابق نيتن ياهو جا مخالف 57 سيٽن تي ڪامياب ٿي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن منصور عباس جي پارٽي انهن سان ملي وڃي ته انهن کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت حاصل ٿي ويندي، پر ان ڳالهه جا امڪان گهٽ آهن ته اهي هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪري سگهن، جڏهن ڪو به اتحاد ٺاهڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿئي ته ملڪ ۾ 2019ع کان هن وقت تائين جي عرصي ۾ پنجين عام چونڊ ٿي سگهي ٿي، اسرائيل ۾ ووٽنگ 23 مارچ تي ٿي هئي ۽ ان اليڪشن جا نتيجا ئي ان ڳالهه جو تعين ڪندا ته مستقبل ۾ اسرائيل جا  فلسطين سان لاڳاپا ڪهڙا هوندا؟ غير حتمي نتيجن مطابق منصور عباس جي پارٽي پارلياماني چونڊن ۾ 4 سيٽون کٽي چڪي آهي ۽ اها حڪومتي اتحاد ٺاهڻ لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿي، منصور عباس هن وقت تائين وزيراعظم نيتن ياهو يا سندس مخالفن جي حمايت جو ڪو به اشارو نه ڏنو آهي، جيڪڏهن هو حڪومتي مخالفن سان اتحاد ڪري ٿو ته انهن کي 120 سيٽن واري اسرائيلي ايوان ۾ هڪ ننڍڙي فرق سان اڪثريت حاصل ٿي ويندي ۽ نيتن ياهو وزارت عظميٰ جو هڪ وڌيڪ دور ڏسي نه سگهندو. منصور عباس جنوري 2021ع ۾ سياسي اتحاد جوائنٽ عرب لسٽ پارٽي کان ڌار ٿي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو، هو اسرائيلي عربن جي حقن لاءِ نيتن ياهو جي حڪومت سان تعاون تي اتفاق ڪري ٿو، جنهن تي جوائنٽ عرب لسٽ سان نااتفاقي سبب هو اتحاد کان ڌار ٿيو هو، جوائنٽ عرب لسٽ ا ڳ ئي موجود اپوزيشن جي حق ۾ آهي پر عباس جو چوڻ آهي ته سندس پارٽي مٿان ڪنهن اميدوار يا اتحاد طرفان ڪا ذميواري نه آهي.اسرائيلي عرب ملڪ جي ڪل آبادي جو 20 سيڪڙو آهن، منصور عباس 22 اپريل 974ع تي اتر اسرائيل جي علائقي ميگر ۾ پيدا ٿيو هو، يروشلم جي هيبريو يونيورسٽي مان ڊينٽسٽري جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ اڄڪلهه هاءِ فاءِ يونيورسٽي مان سياست ۾ ماسٽرز ڪري رهيو آهي، هو پرڻيل آهي ۽ سندس 2 ٻار به آهن، هو اسلامڪ موومينٽ ان اسرائيل جي ڏاکڻي شاخ جو نائب چيئرمين به رهيو آهي ۽ هو چونڊن کان اڳ پارليامينٽ جو نائب اسپيڪر به هو، کيس 2019ع ۾ يونائيٽيڊ عرب لسٽ جو ليڊر مقرر ڪيو ويو هو، پوءِ اها جماعت دي جوائنٽ عرب لسٽ نالي اتحاد ۾ شامل ٿي ۽ هو گذريل چونڊن ۾ پارليامينٽ جو ميمبر به چونڊيو ويو، عباس ان کان اڳ پارليامينٽ جي نيتن ياهو جي حڪومت سان ڪجهه معاملن ۾ تعاون ڪري چڪو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت اسرائيلي عرب شهرين جي حق لاءِ ڪم ڪندي ته هو حڪومت سان تعاون ڪندو، اسرائيلي عرب شهري هڪ ڊگهي عرصي کان سرڪاري سطح تي نسلي فرق جي شڪايت ڪندا آيا آهن.

23 مارچ تي هيراٽز سان ڳالهائيندي منصور عباس چيو هو ته اسان جي ڪنهن اتحاد يا اميدوار طرفان ڪا ذميواري نه آهي ۽ نه ئي اسان ڪنهن جي کيسي ۾ آهيون، نه ساڄي ۽ نه کاٻي ڌر جي آئون ڪنهن سان اتحاد کي خارج نه پيو ڪريان پر جيڪو اسان کي خارج ڪندو آئون ان کي خارج ڪري ڇڏيندس. نيتن ياهو جي حامي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته اسان عرب عوام جا نمائندا آهيون جيڪو سنگين بحران مان گذري رهيو آهي، ڏوهن ۽ تشدد جو بحران جيڪو عرب معاشري ۾ وڌي رهيو آهي، ڪنهن به عرب يا غير عرب سرڪاري ملازم لاءِ پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي فوقيت ڏيڻ بلڪل صحيح آهي.اسرائيل جي بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن سان امن معاهدن کانپوءِ هن چيو هو ته حقيقي امن فلسطين تي قبضو ختم ڪري ۽ فلسطيني رياست قائم ٿيڻ سان ئي اچي سگهي ٿو، چونڊن کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم نيتن ياهو منصور عباس جي پارٽي جي حمايت سان حڪومت ٺاهڻ جي امڪان کي خارخ ڪري چڪو آهي، هن چيو هو ته آئون واعدو ٿو ڪريان ته ائين نه ٿيندو، آئون ان تي نه ڀاڙيندس، نه ئي ان کي اقتدار ۾ شامل ڪندس، ڇو ته اها صيهونيت مخالف پارٽي آهي. بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن سان امن ٺاهن جو حوالو ڏيندي هن چيو هو ته منهنجي لاءِ اها غير يقيني ته مون عرب ملڪن سان جيڪو امن ٺاهه ڪيو، عباس ان جي خلاف ووٽ ڏنو هو، منصور عباس کي ان وقت تنقيد کي به منهن ڏيڻو پيو هو، جڏهن اسرائيلي چئنل 12 سان ڳالهائيندي هن فلسطيني قيدين سان ملاقات جي حوالي سان ڳالهه ڪندي چيو هو ته اهي انتهاپسندن سان نه مليا هئا، ملڪ جي پارليامينٽ ۾ ڪير ويهندو ۽ خاص ڪري ايندڙ حڪومت ڪير ٺاهيندو، ان حوالي سان صورتحال ڊرامائي ٿي وئي آهي، 2019ع ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ هن وقت جي عام چونڊن ۾ ڪنهن کي به واضح اڪثريت نه ملڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته اسرائيلي سياست ۾ گهري ورهاست آهي ۽ پردي جي پويان چالون ۽ ڊيلون هلي رهيون آهن، ايئن معلوم ٿئي ٿو ته نيتن ياهو کي جيڪڏهن وڌيڪ مدي لاءِ اقتدار ۾ اچڻو آهي ته کيس هن وقت اهو رستو وٺڻو پوندو، جنهن تي هلي سندس انتهائي کاٻي ڌر جي يهودي قومپرست ۽ عرب پارٽين سان اتحاد ٿيندو، پر اهو ڪيئن ٿيندو؟ ان بابت في الحال صرف اڳڪٿيون ڪرڻ ڏکيو آهي، اسرائيلي عوام سوچي رهيو آهي ته ڇا هي چونڊون به ايتري گهٽ عرصي ۾ ٿيندڙ گذريل ٽن چونڊن وانگر واضح نتيجو نه ڏئي سگهنديون ۽ ڇا سياسي بحران وڌيڪ ڊگهو ٿي ويندو؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو