لاهور (ويب ڊيسڪ) شهباز شريف حمزه شهباز کي پيپلز پارٽي خلاف ڪنهن به قسم جي بيان بازي کان روڪي ورتو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز ڪوٽ لکپت جيل ۾ شهباز شريف سان سوا 2 ڪلاڪ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پي ڊي ايم وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن مطابق حمزه شهباز يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چونڊڻ تي ن ليگ ۾ پکڙيل بيچيني بابت شهباز شريف کي آگاهه ڪيو. حمزه شهباز، شهباز شريف کي چيو ته پيپلز پارٽي يوسف رضا گيلاني واري معاملي تي اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو، پيپلز پارٽي جي ان رويي تي پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شهباز شريف حمزه شهباز کي پيپلز پارٽي خلاف ڪنهن به قسم جي بيان بازي کان روڪيندي هدايت ڪئي ته پيپلز پارٽي واري معاملي تي اوهان کي ڪوبه بيان ناهي ڏيڻو، يوسف رضا گيلاني واري معاملي تي پي ڊي ايم ۾ ن ليگ جا سينيئر اڳواڻ معاملو اٿاريندا. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاران پنجاب ۾ بلدياتي ادارن جي بحالي واري فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي، بلدياتي ادارن جي نمائندن سان رابطا تيز ڪيا وڃن.
