138

سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ (ن) ليگ جو اميدوار تڪراري هو، پي ڊي ايم کي نقصان رسائڻ نٿو چاهيان، اتحاد برقرار رکڻ جي خواهش آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ (ن) ليگ جو اميدوار تڪراري هو، جڏهن ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ وارو عهدو پيپلز پارٽي جو حق هو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر تيزي سان وڌي رهي آهي، سنڌ ۾ هن وقت ڪورونا وائرس تيزي سان نه پيو پکڙجي پر ڪورونا سبب اسان ٻيون ڀيرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تقريب نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته 4 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ڪوبه جلسو نه ٿيندو پر قرآن خواني ٿيندي ۽ 5 اپريل تي پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ پي ڊي ايم جي جدوجهد کي اڳيان وٺي وڃڻ وارن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ڪالهه کان ميڊيا تي پروپيگينڊه ٿي رهي آهي، آئيني ۽ جمهوري روايتن مطابق 21 سينيٽرن سان گڏ پيپلز پارٽي وڏي ايوان ۾ ٻئين وڏي پارٽي آهي، ان لاءِ اسان جو اهو جمهوري حق آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ وارو عهدو اسان وٽ هجي. هن چيو ته منهنجي پارٽي جي ماڻهن کي ائين محسوس ٿيو ته پيپلز پارٽي کي ڀِت سان لڳايو پيو وڃي، مان ڪيئن پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي چوان ها ته يوسف رضا گيلاني کي ووٽ نه ڏيو ۽ ن ليگ جي اعظم نذير تارڙ کي ووٽ ڏيو جيڪو تڪراري اميدوار هو. هن ٻڌايو ته ن ليگ وٽ 26 اميدوار هئا، جڏهن ته پيپلز پارٽي وٽ 21 سينيٽرن کانسواءِ اي اين پي جي ٻن ميمبرن، جماعت اسلامي جي هڪ ميمبر ۽ فاٽا جي ٻن سينيٽرن سان اسان وٽ به 26 ميمبر ٺهن پيا، سينيٽ رولز مطابق ٻن اميدوارن جا برابر ووٽ هجن ته ان صورت ۾ وڌيڪ اميدوار رکندڙ پارٽي جو ئي مخالف ڌر اڳواڻ مقرر ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ن ليگ جي اڳوڻي سينيٽر دلاور خان اسان سان رابطو ڪيو ۽ اسان کي حمايت جو يقين ڏياريو ۽ پوءِ ان چيو ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ 3 آزاد سينيٽر ساڻس گڏ آهن، ان ماڻهن کي هڪ گروپ جوڙيو هو جنهن ۾ ساڻن وڌيڪ 3 سينيٽر گڏ هئا، مان ان فيصلي جو احترام ڪريان ٿو ته جيڪڏهن حڪومتي بئنچن مان اٿي مخالف ڌر جي سيٽن تي ويهي رهيا آهن ته اسان کي ان عمل کي ساراهڻ گهرجي، اسان حڪومتي ماڻهن کي ٽوڙي ان ڪٺ پتلي حڪومت خلاف پارليامينٽ ۾ جدوجهد ڪري سگهون ٿا. مريم نواز پاران پيپلز پارٽي تي ڇتي تنقيد بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چاهيان ٿو ته پي ڊي ايم اتحاد برقرار رهي، ڇاڪاڻ ته ان جو بنياد مون وڌو هو، مريم نواز جي تمام گهڻي عزت ڪريان ٿو ۽ پي ڊي ايم کي نقصان رسائڻ نٿو چاهيان، سندس بيان تي ردعمل ڏيڻ نٿو چاهيان، اوهان مخالف ڌر اڳواڻن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ ڇو ٿا چاهيو. بلاول ڀٽو زرداري هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سليڪٽيڊ جو لفظ مون ايجاد ڪيو هو، مان ڄاڻيان ٿو ته هن لفظ کي ڪنهن تي استعمال ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن تي نه. هن مسلم ليگ (ن) قيادت کي صلاح ڏني ته پنهنجي صفن ۾ ڏسو ته اهو ڪير آهي جيڪو کين پيپلز پارٽي سان ويڙهه ڪرڻ جا غلط مشورا ڏئي رهيو آهي، اسان گڏ رهي ڪري ئي حڪومت خلاف جدوجهد ڪري سگهون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو