221

ڪوٽ لالو ڀرسان لڱ ڪانڊاريندڙ روڊ حادثو، وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 5 شاگردن سوڌو 6 ڄڻا فوت، ايمبولينس خراب هجڻ تي فوتين جي وارثن پاران قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ڪوٽ لالو (ن سوڀ) ڪوٽ لالو ڀرسان تيز رفتار وين موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 شاگردن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ٺري ميرواهه کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار وين موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي  موٽرسائيڪل جو ڊرائيور 22 ورهين جو امتياز مري ولد  اعجاز علي، 13  ورهين جو برسات علي ولد  ذوالفقار مري،  علي جان ولد  رياض مري، 12  ورهين جو ظفر علي ولد  رياض مري ۽  9 ورهين جو مظفر مري ۽ حبدار مري فوت ٿي ويا. پوليس موجب شاگردن کي موٽرسائيڪل تي اسڪول نيو پئي ويو ته ساڻن حادثو پيش آيو. فوتين کي فيض گنج اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فيض گنج اسپتال جي ايمبولينس خراب هجڻ ۽ وين ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ الرمضان ماڊل اسڪول، اسد پبلڪ اسڪول جي شاگردن، استادن ۽ تحريڪ لبيڪ يارسول الله اڳواڻ مولوي محمد سومر حسيني جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ مڪمل طور بند ڪري شٽربند هڙتال ڪري ڪوٽ لالو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور  وين ڊرائيور گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن فوتي شاگردن جا لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو