لاهور (ويب ڊيسڪ) (ن) ليگ جي اڳوڻي وزير ملڪ احمد يار، اڳوڻي ايم اين اي سلطان محمود ۽ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل چيئرمين محمد ملڪ افضل تي اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن مطابق بااثر جوابدارن لاشاري والا ٻيلي تي قبضو ڪري سرڪاري ناڻي کي 25 سالن تائين ساليانو 5 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو، جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪندڙ مال، ايريگيشن ۽ وائلڊ لائيف کاتي جي عملي ۽ آفيسرن تي به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن مطابق جوابدارن خلاف ڊي سي مظفر ڳِڙهه امجد شعيب ترين ريفرنس ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي اماڻيو ۽ سمورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. لاشاري والا ٻيلو 3750 ايڪڙن تي ٻڌل آهي، جوابدارن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪندي ساليانو 5 ڪروڙن جو نقصان گذريل 25 سالن کان ڏنو، هو ٻيلي مان پکي، جانور، وڻ ۽ فصلن مان فائدو کڻي رهيا هئا. اينٽي ڪرپشن عملدارن مطابق پنجاب جي وڏي وزير قبضا مافيا خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
169