ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) نوري آباد ڀرسان مسافر وين سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم نينگري سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ 15 مسافر زخمي ٿي پيا آهن. موٽر وي تي دادا ڀائي ويجهو ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اڳيان هلندڙ گاڏيءَ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ورهين جي ٻارڙي عاليا ولد عزيز ۽ آصف شيخ ولد علي گل فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين کي ترت سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ مسمات عاصمه، فضيلا، ناهيد، ناياب، اقصيٰ، حماد ۽ ٻيا آهن. نوري آباد پوليس مسافر وين جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
170