ليکڪ: نور سنڌي
ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪنور سنگهه جي ڀاءُ جي نالي تي ميرپورخاص جي گلبرگ ٽائون واري بنگلي تي ڇاپي دوران هڪ ارب 87 ڪروڙ 77 لک ۽ 60 هزار رپين جي ماليت جي منشيات، جنهن ۾ 494 ڪلو چرس، 24 آفيم، 2 انگريزي شراب جا ڪارٽون، 30 بور جا 2 پسٽل، وڏي تعداد ۾ گوليون، هڪ رپيٽر، وڏي تعداد ۾ ڪارتوس، هڪ سيون ايم ايم جي رائفل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ بعد حيدرآباد ۾ اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پهرئين ڏينهن اخبارن جي رپورٽ ۾ 200 ڪلو آفيم، 2 ڪلاشنڪوف، غير ملڪي ڪرنسي ۽ هڪ ويگو گاڏي به ٻڌائي وئي هئي، پر اهو بحث اجايو آهي ته بنگلي مان ڇا ۽ ڪيترو هٿ آيو، اسان صرف ايترو چونداسين ته جيڪا پوليس عوام جي محافظ سڏبي آهي ۽ جنهن جو ڪم امن قائم ڪري سماجي برايون ختم ڪرڻ آهي، اها ڏوهارين ۽ منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن سميت سماجي براين ۾ مبتلا ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ قانون جو ٽوڙهو وجهڻ لاءِ آهي، پر جڏهن عوام جي محافظ مقرر ڪيل پوليس ڏوهه ڪرائي منشيات ۽ سماجي براين جي سرپرستي ڪري ته اهڙا اهلڪار نه رڳو پوليس کاتي پر سنڌ لاءِ به بدنامي جو سبب بڻجن ٿا، جيتوڻيڪ پوليس کاتي ۾ به وڏن آفيسرن کان وٺي ايس ايڇ اوز تائين ڪيترائي بهترين فرض شناس ۽ عوام دوست آفيسر به موجود آهن پر بدقسمتي سان انهن کي سائيڊ تي ويهاري يا صوبي بدر ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري هاڻ اهو بحث زور وٺي ويو آهي ته پوليس کي به فوج ۽ رينجرز وانگر آزاد هجڻ گهرجي، جيئن دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن ۾ آهن، پوليس به رياست جو هڪ اهم ۽ حساس ادارو آهي پر ملڪ اندر ان ۾ سياسي مداخلت ڪري من پسند آفيسر مقرر ڪرائي، انهن کان ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪرايو وڃي ٿو ۽ اهو به هڪ تاثر آهي ته ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر پوليس ۾ سياسي مداخلت وڌيل آهي ۽ اتي ٻيو ته ٺهيو پر پوليس جون ڀرتيون ۽ مقرريون به ميرٽ نه ٿيون ٿين ۽ ٿاڻا ۽ چوڪيون وڪامنديون رهن ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو پوليس مٿان هر هنڌ پوءِ ڀلي اها پرنٽ ميڊيا هجي، اليڪٽرانڪ يا سوشل ميڊيا تنقيد ٿيندي رهندي آهي، گهرائي سان ڏسجي ته ڪجهه علائقا ڇڏي باقي سڄي سنڌ ڏوهن جو ڏيهه بڻيل آهي، ڦرون، ڌاڙا، قتل، لڄالٽ، چوريون ۽ ٻيون برايون عروج تي آهن، جنسي ڏاڍائي بعد قتلن جا واقعا وڌي ويا آهن، هر قسم جي منشيات جو وڪرو عروج تي آهي (سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود گٽڪي، مين پڙي ۽ٻي منشيات تي پابندي نه لڳي سگهي آهي) حيرت ان ڳالهه جي به آهي ته چرس، هيروئن، آفيم ۽ ٻيون نشين واريون شيون افغانستان مان اسمگل ٿي سڄي ملڪ سميت سنڌ ۾ به پهچن ٿيون، افغان سرحد کان سنڌ تائين سڀني روڊ رستن تي پوليس بيٺل آهي، ته پوءِ سوا اهو آهي ته نيٺ اهو نشو ڪيئن ۽ ڪنهن جي معرفت پهچي ٿو؟ پوليس انسپيڪٽر ڪنور سنگهه جي بنگلي مان هٿ آيل اربين رپين جو سامان ظاهر ڪري ٿو ته کاتي ۾ به ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا جيڪي ائين ئي ڪک مان لک پتي ٿي ويندا هوندا. جيتوڻيڪ آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڪنور سنگهه کي معطل ڪري جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي ۽ ليٽر لکيو آهي ته انسپيڪٽر، سندس ذاتي گارڊ سميت ان ۾ ملوث سهولتڪارن خلاف به جاچ ڪري هٿ آيل سامان جمع ڪرايو وڃي. آءِ جي سنڌ ڄاڻايل قدم قانون جي بهتري لاءِ کنيو آهي، يا تنقيد کان بچڻ لاءِ، اهو ته وقت ٻڌائيندو پر ساڃاهه وند چون ٿا ته انصاف جي تقاضا اها آهي ته ميرپورخاص جي ايس ايس پي، حد جي ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ ٻين لاڳاپيل انچارجن کي به هٽائڻ گهرجي ها، ڇو ته اهو ممڪن نه آهي ته هڪ ننڍو آفيسر پنهنجي وڏن آفيسرن جي آشيرواد کانسواءِ ان قسم جو ڌنڌو ڪري سگهي، ڪنور سنگهه ڏهاڪن کان پوليس جي وردي جو فائدو وٺندي ڪاروبار ڪري رهيو هو ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پوليس ان سڄي عمل کان بي خبر بڻيل هجي؟ رڳو ڪنور سنگهه نه پر کاتي ۾ موجود اهڙا سمورا آفيسر جيڪي غريب جو اولاد آهن ۽ هاڻ ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻجي ويا آهن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندن وڏا بنگلا، جائيدادون، ويگو، لينڊ ڪروزر ۽ ٻيون مهانگيون گاڏيون رکن ٿا ۽ سندن اولاد مهانگن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، انهن سڀني کي نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي حوالي ڪري جاچ ڪرائي وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪنور سنگهه جي بنگلي تان هٿ آيل چرس اعليٰ ڪوالٽي جو آهي ۽ آفيم به انڊيا يا افغانستان مان آيل آهي.هو اصل کپري جي اهڙي ڳوٺ ۾ رهي ٿو جيڪو پاڪ-ڀارت سرحد جي ويجهو آهي، ان ڪري اهو به امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته سندس ڀارت جي وڏن اسمگلرن سان واسطو ٿي سگهي ٿو، ان ڪري ان حساس معاملي کي حساس نموني سان ڏٺو وڃي. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ڀارت مان ايندڙ سفينا واري نشي جو انسپيڪٽر ڪنور سنگهه وڏو ڊيلر آهي ۽ هو حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد تائين ڄاڻايل نشو پهچائي ٿو. اهو ته هڪ وڏي ڊيلر جو ڦاٽ ڦاٽو آهي، پر ان سان ٻيرا ڪيترا ننڍا ڊيلر گڏ هوندا، انهن کي پڪڙڻ جي ضرورت آهي، گٽڪن ۽ مين پوري جي حوالي سان ميرپورخاص کانپوءِ ڪوٽ غلام محمد ٽاپ تي ٻڌايو وڃي ٿو، ميرپورخاص مان بدلي ٿي ويل ذوالفقار لاڙڪ جنهن سان منهنجا ذاتي لاڳاپا به آهن، ان سميت اڳوڻي آءِ جي سنڌ، موجوده آءِ جي، آر پي او غلام قادر ٿيٻو ۽ ڊاڪٽر جميل کي مون ڪيترائي ڀيرا ڪال ڪري ۽ واٽس ايپ تي آگاهه ڪيو آهي، پر اڄ تائين منشيات جو ڪاروبار بند ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليس کاتي ۾ موجود اهڙين ڪارين رڍن خلاف هاڻ بيرحم آپريشن ٿيڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي به ڪابه رعايت ڏيڻ بنيادي طور تي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان دشمني جي برابر هوندو.